لاوارثي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل تاريخي شھر سڪرنڊ

تحرير: قاسم خاصخيلي

ماضي جو پئرس سڏجندڙ خوبصورت ويڪرين گھٽين چؤنڪن چوراهن ۽ رستن واري تاريخي شھر سڪرنڊ هن وقت رحم جي قابل بنجي ويو آھي هر طرف گندگي جا ڍير روڊ رستا ھنڌان هنڌان ٽٽي ويا آھن ڪجهه عرصو اڳ ڪجهه علائقن سميت نواب شاھ روڊ ۽ اسٽيشن روڊ تي ٿيل ترقياتي ڪمن جو حددخلين ۽ صفائي سٿرائي جي ناقص نظام سبب عوام کي بظاهر ڪوبه فائدو نه پئجي سگهيو آھي جيڏانهن نظر ڪنداسين هر طرف تباهي ۽ بربادي جا آثار نظر اچڻ لڳا آھن، شھر ۾ نه ڪا ڍنگ جي صفائي آھي نه مڪمل طور تي اسٽريٽ لائيٽ آھي، نه واٽر سپلاءِ جي سهولت آھي، نه مڇي مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ يا سبزي مارڪيٽ آھي، نه ئي ڪو بهتر انفرا اسٽريڪچر ۽ نه ئي ڪا بهتر پاليسي آھي جنهن سان شھر جي بدتر حالت کي سڌاري سگهجي، ماضيءَ جو مثالي شھر هڪ قسم جي کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳ آھي.

لکين ماڻھن جي آبادي واري شھر سڪرنڊ ۾ ھڪ عدد ٽائون ڪاميٽي آهي جيڪا ماضيءَ ۾ گهٽ وسيلا ۽ ٿورڙي بجيٽ هجڻ باوجود شھر ۾ صفائي سٿرائي کان ويندي اسٽريٽ لائيٽ جي فراهمي سميت شھرين کي بهتر نموني واٽر سپلاءِ جو صاف پاڻي فراهم به ڪندي ھئي، مطلب هر بنيادي سهولت ميسر ڪري ڏيڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندڙ ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي نه رڳو پلاننگ هوندي هئي پر عام ماڻھو کي فجر وقت کان ئي صاف سٿرو شھر ملندو هو هر ڪم ۾ ھڪ قسم جو ڊسيپلين هوندو هو جيڪو هن وقت وڏي بجيٽ ۽ بهتر وسيلا  ملازمن جي لوڌ ۽ مشينري جي هوندي ڪم زيرو کان زيرو ٿيندو پيو وڃي، شھر ۾ ھونئن ته کوڙ بنيادي مسئلا آھن پر هڪ بهترين مڇي مارڪيٽ پڻ هئي جيڪا پڻ شايد سياسي انا جي ور چڙھي تباھ لڳي پئي آھي بهترين مارڪيٽ جي  عمارت هوندي به گوشت سبزي ۽ مڇي وارا سري عام روڊن تي قبضا ڪري ويٺل آھن جتي بدبوءِ ڪچري سبب عام ماڻھن جو گذرڻ به مشڪل بنجي ويو آھي، واٽر سپلاءِ جو ته شھر ۾ ڪوبه نالو نشان ناهي رهيو پر اسٽريٽ لائيٽ سميت ٻين بنيادي سهولتن کان به هي تاريخي شھر محروم بنجي ويو آھي حڪومتي ڌر جي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جو شھر کان مڪمل ڌيان هٽڻ سبب وک وک تي ڪچري جا ڍير لڳل ڏسڻ ۾ اچن ٿا روڊن رستن تي گٽرن جو پاڻي رات ڏينهن وهي رهيو آھي جڏهن ته پراڻي مين روڊ تي دڪاندارن پاران وچ روڊ تي ڪچرو اڇلڻ ۽ گندو پاڻي هارڻ سبب روڊ تي هنڌ ھنڌ تي کڏا پئجي ويا آھن ڪروڙن جي بجيٽ سان ٺھيل روڊن رستن جي مڪمل صفائي نه ٿيڻ ۽ سار سنڀال نه لھڻ جي ڪري روڊ ٽٽي ويا آھن جنهن سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ وٺجي ويا آھن، ان کان علاوه پراڻي نيشنل بئنڪ کان نئين نيشنل بئنڪ جي وچ واري مين روڊ سميت سئنيما چوڪ تي الله واري نالي وٽ هر وقت گندگي سان گڏ محرابپور روڊ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گندگي سبب انتهائي بدبو سبب شاگردن، عورتن، ٻارن، بيمارن توڙي عام ماڻھن جو گذرڻ پڻ مشڪل بنجي ويو آھي بيماريون عام ٿي رهيون آھن پر هن طرف ڪير به توجھ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي سياسي سماجي ۽ صحافتي ڌرين جي معني خيز خاموشي سبب ماڻھو ڏاڍا مايوس نظر اچي رهيا آھن. سڪرنڊ جي شھرين هتان جي چونڊيل نمائيندن ايم پي اي ۽ ايم اين اي سميت سنڌ حڪومت واري بلديات کاتي جي سيڪريٽري ۽ وزير بلديات کان مطالبو ڪيو آھي ته سڪرنڊ شھر کي هر مهيني ڪروڙين روپيا ڏيڻ جي مڪمل طور تي انڪوائري ڪرائي شهرين کي بنيادي سهولتون ڏياريون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.