هڪ طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ تي ڀارت طرفان حملا ٿي رهيا آهن جنهن ڪري هر طرف افراتفري وارو ماحول بڻيل آهي سياستدان توڙي فوج ملڪ جي دفاع لاءِ بي چين آهي وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ڪري حوصلو ڏيئي رهيو آهي پر سرحدي حدون ايتريون ته ڪمزور آهن جو سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊرون حملا ٿي رهيا آهن پر ٻئي پاسي وري اهي خبرون تيزيءِ سان ڦهلجي رهيون آهن ته پنجاب پاران سنڌو درياءِ مٿان چؤلستان ڪئنال جو ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪا نهايت ئي حيران ڪندڙ ۽ دل کي ڏکوئيندڙ ڳالهه آھي۔ ڇوته سنڌ جي سخت احتجاج کانپوءِ خود وفاقي سرڪار متضادي ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو ته پوءِ جنگ جي آڙ ۾ ڪئنال منصوبو ٻيهر شروع ڪرڻ قوم سان دوکيبازي ڪرڻ برابر آهي۔فارم 47 جي پيداوار حڪمرانن سدائين عوام جي اکين ۾ مرچ وجهي وسيلن زمينن توڙي دريائن تي ڌاڙا هنيا آهن هن وقت به ماڻهن کي جنگ ۾ مُنجهائي پنجاب پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو آهي.
گذريل ڏينهن سکر وٽ واهن لاءِ 26.3 هزار ڪيوسڪ پاڻي مليو جڏهن تَه 1991ع ٺاھ موجب واهن کي 39.5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي ها. معنيٰ ته سکر تي ٽيون حصو پاڻي گهٽ وهي رهيو آهي. ٻئي پاسي اڄوڪي ڏينهن تي تربيلا ۾ 60 هزار ڪيوسڪ ۽ منگلا ۾ 22 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪَٺو ٿي رهيو آهي. اڄوڪي ڏينهن سنڌ درياھه مان جهلم لنڪ ڪينال وسيلي 12 هزار ڪيوسڪ ۽ تونسا-پنجند لنڪ ڪينال وسيلي 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب جي جهلم-چناب زون کي ڏنو پيو وڃي. اڄ چشما وٽان هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. اٺن ڏينهن کان پوءِ اهو پاڻي سنڌ پهچندو ته گڊوءِ وٽ لڳ ڀڳ 70 هزار ڪيوسڪ وڃي بچندو. جڏهن تَه ان وقت سنڌ کي 77.5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي. سنڌ، جيڪا ملڪ جي معاشي ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿي تنهن کان زمينن، گئس، ڪوئلي، ۽ بندرگاھن کسڻ کانپوءِ درياءِ کسي سڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ارسا جون منافقاڻيون پاليسيون سنڌ لاءِ بيحد نقصانڪار آهن۔ ڪنهن به قانون ۾ ايئن ناهي ته سرسبز علائقا ويران ڪري ريگستان کي آباد ڪيو وڃي پر ارسا وفاق جي آشيرواد تي پنجاب کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ کي نقصان پهچائي رهي آهي۔
سنڌ پاڪستان جو وجود عمل ۾ آندو هو جيڪڏهن هن وقت پاڪستان تي ڏکيو وقت آيو ته اسان پاڪستان جي خاطر سموريون سرگرميون معطل ڪري اسان پاڪستان جي دفاع لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيهڻ جو وچن ڪيو۔ پر پاڪ ۽ هند جنگ جا راڳ ٻڌائي ڪئنال خلاف هلندڙ احتجاج ختم ڪرائي ٻيهر خاموشيءِ سان رٿا شروع ڪري ڇڏي آهي ان رهزن لابيءِ رهبر جو روپ ڌاري سدائين عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ڪڏهن سرحدي ڇڪتاڻ، ڪڏهن فالس فليگ آپريشن، ڪڏهن مذهبي جذبات جا ڏيک ڏيئي ماڻهن کي اصل هدف کان منهن موڙايو آهي. هن وقت به ڪئنالن جي اڏاوت، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زمينن تي قبضي، ۽ قدرتي وسيلن جي نيلامي وارا مسئلا جڏهن کلي سامهون آيا آهن سنڌ جو شعوريافته عوام پنهنجن جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي ته نوان شوشا اٿاري سنڌ جي شعور کي دٻائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي سا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي۔
اسان اڳ ئي پنهنجي دشمن کي پرکي ورتو آهي جيڪو غداريءِ جو روپ ڌاري اسان مٿان حڪمراني ڪري رهيو آهي پر هاڻي سندس پويان پساهه آهي۔ اسانجا وڏڙا اڳي ئي ٻڌائي ويا آهن ته آخري جنگ پاڻيءَ تي ٿيندي تنهنڪري اسان اڳواٽ تيار آهيون جڏهن مرض سڃاڻي وٺبو آهي ته ان جو علاج سولو ٿي پوندو آهي۔ سو اسان به سنڌ جا دوست ۽ دشمن پرکي ورتا آهن۔ پنجاب جي ڊرامي بازيءِ کان به واقف آهيون ۽ اقتدار جي حصول لاءِ پنهنجو درياهه وسيلا ۽ زمينون کپائيندڙ ٽولي کي به چڱي ريت پرکي چڪا آهيون.هاڻي ڪوبه سياسي ناٽڪ برداشت نه ڪنداسين۔