ماءُ ـ خدا جي زميني صورت

تحرير: ياسمين چانڊيو

ڪاش مان وري ننڍڙي ٿي وڃان… امان جي جھوليءَ ۾ لڪي وڃان… اڄ به دل اھو ئي چوندي آھي ته بيمار بڻجي وڃان ته  جيئن امان منھنجي ڳلن تي ڪراٽڙي پائي، پڇي ”مٺي، ڇا ٿيو؟“ اھا ئي ته ھڪڙي جاءِ ھئي جتي هر درد دوا بڻجي ويندو ھو، جتي ماءُ جو ساهه کڻڻ ئي دعا بنجي ويندو ھو ،آنڌيءَ وانگر ايندڙ تڪليفن کي ڀڄائي ڇڏيندو ھو. ۽ ان جي ڇاتيءَ ۾ ڪائنات جو سير سمايل ھوندو ھيو ،ماءُ رڳو لفظ ناهي، ماءُ ته انھن احساسن جو نانءُ آھي، جيڪا پنھنجي اولاد کي  پنهنجي  ساھن ۾ سانڍي دنيا جي ڌڪن، ٿاٻن  کان بچائي ڇڏيندي آھي. ماءُ ته دعائن جي اوچي مينار تي بيٺل نيڪيءَ جي روشني آھي، جنھن جي اکين مان رڳو  پيار  وسندو آھي . جنھن جي ٿڪل پلڪن ۾، سڄي خاندان جو سڪون  آرام ڪندو آھي.

اسلامي روايتن ۾ ماءُ جو مقام ته جنت کان به مٿي آھي. نبي ڪريم ﷺ جي فرمان موجب “ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت آھي” پر افسوس! اسان جي اسلامي معاشري ۾ ماءُ کي سندس ان حيثيت مطابق عزت نه ڏني وئي آھي نه ئي اھو مقام .ڳالھن جي حد تائين  ته سڀ چوندا آھن  ته ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت آھي، پر جڏهن ماءُ پوڙھي ٿيندي آھي، تڏهن ئي اھا جنت بار بڻجي ويندي آھي. اسان جي ته اها روايت به ختم ٿيندي پئي وڃي ته ماءُ جي سامهون وڏي  آواز ۾ به نه ڳالهايو وڃي، هاڻ ته نوجوان نسل ماءُ جي سامهون مگن ھوندا آھن، ماءُ جي اکين ۾ سوال ته ھوندا آھن پر پوءِ  به ھوءَ گھڻو ڪري اولاد اڳيان خاموش رھندي آھي

جڏهن مان پاڻ ماءُ بڻيس ته محسوس ٿيو ته  ڪيئن ماءُ پنهنجا سڀ ارمان، خواهشون، ننڊون، صحت، حُسن ۽ زندگيون لٽائي، فقط پنهنجن ٻچن لاءِ جيئي ٿي. ۽ جڏهن وري اولاد جوان ٿيندي آھي ته اھا اھو وساري ويهندي آهي ته ڪيترين تڪليفن سان ماءُ ان کي سانڍي ھن دنيا ۾ آندو . انھن تڪليفن، انھن ،پيڙائن لاءِ شايد اڃان لفظ ٺھيا ئي ناھن جن جو بيان ڪجي، اھو وجود جنھن جو ساهه به ڪنهن ٻئي جي لاءِ ھوندو آھي، ان کي اولاد جي بي رُخي، بي قدري ۽ بي واجبي مارڻ لڳندي آھي. ماءُ جي دل ۽ ان جي احساسن جي باري ۾ ڪير سمجهي ئي نٿو سگھي . ھوءَ اولاد جي لاپرواهيءَ ۽ انھن جي روين تي بظاهر ته مسڪرائيندي آھي، پر اندر اندر،احساس محرومي ، بي ڌياني ۽  بي رُخيءَ جا هزارين طوفان خاموشيءَ سان سهندي آھي .اھو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ماءُ درد جي مٽيءَ مان ٺهيل ھوندي آھي، پر ان جي مرڪ ۾ ايڏو ته حوصلو ھوندو آھي، جو سمورا درد  ٺري پوندا آھن.

مان جڏهن ماءُ جي قربانين کي ياد ڪندي آھيان، ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو آھي . مان سوچي ئي نٿي سگهان  ته اھا ئي امان، جيڪا منهنجي هڪ رڙ تي ٿڌين  راتين جو اوڄاڳا ڪري پنھنجي سيني سان لائي منھنجي سجود کي گرم ڪندي هئي پنھنجي روح جي راحت ، ماءُ جي وجود سميت ان جو روح به جنت ھوندو آھي ته پوءِ اسان ڇو جنت جي ڳولها ڪندا آھيون ؟ماءُ جي جھول  ۾ رڳو ٻار ئي نه سمهندو آھي، اتي ته سڄي ڌرتي ۽ ڪائنات جي حفاظت جا راز لڪل ھوندا آھن. امان جو آواز، امان جا هٿ، امان جي نرم مسڪراهٽ، اھي سڀ ايترا مقدس آھن، جو زندگيءَ جو سڀ کان خوبصورت ،مقدس ڪتاب ماءُ جي نالي تي لکجي ته پڻ گھٽ آھي. ۽ ها، جيڪڏهن ڌرتيءَ تي ڪنهن وجود کي الله جو روپ چئي سگهجي ٿو، ته ان جو نالو آهي ماءُ. ڇو ته جيڪا  رڳو ڏئي، جيڪا رڳو سهي، جيڪا رڳو پيار ڪري، ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪجهه نه گهري، اھو فقط ماءُ ئي ٿي سگهي ٿي.

اسين جيستائين ماءُ جي عزت کي لفظن کان اڳيان عمل ۾ نٿا آڻيون، تيستائين اسان صرف ماءُ جي ڏهاڙي تي تصويرن سان محبت جو ناٽڪ ڪري سگهون ٿا، دل سان نٿا نڀائي سگهون.اڄ جڏهن پاڻ  ماءُ آھيان ته  امان جيان سوچي به سگهان ٿي.  سمجهي سگهان ٿي ته ماءُ هجڻ ڪيترو وڏو فن آهي، ڪيتري محنت آهي، ڪيترو ڏک آهي. پر ساڳئي وقت اهو به سمجهي رهي آهيان ته ماءُ هجڻ سڀ کان وڏو اعزاز به آهي، ۽ خدا جي سڀ کان خوبصورت تجلي به.نوجوانن لاءِ بس ايترو سمجهڻ ڪافي آهي ته ماءُ رڳو هڪ ڀيرو پيدا ٿيندي آهي…اها ئي ته آهي جيڪا هن بي رحم دنيا ۾ اوهان لاءِ جنت جو در بڻيل آهي.

سو مهرباني ڪري…ان جي هجڻ جو احساس ڪيو، ان جو احترام ڪيو، ڇو ته ماءُ لاءِ ڪو هڪ ڏينهن مقرر نٿو ٿئي . اها ته هر پل، هر وقت، هر درد، هر دعا ۾ اوهان لاءِ جيئندي آهي.

مائرن جون دليون ته خاموش هونديون آهن، پر دعائون ڪائنات کي پلٽي سگهن ٿيون ۽ جن هٿن تي تڪليفن جا نشان هوندا آهن،

اهي هٿ اوهان لاءِ جنت جا در کوليندا آهن.

مان سمجهان ٿي…جنهن وٽ ماءُ آهي، اُهو ڪنهن به نعمت کان محروم ناهي، ڇو ته ماءُ جي دعائن ماءُ جي هٿن ۽ ماءُ جي دل مان نڪرندڙ لفظن ۾ ئي بادشاهت هوندي آهي.

سو مهرباني ڪري…اُن هستيءَ کي ڪڏهن نظرانداز نه ڪريو، جنهن جي بنياد تي اوهان جي زندگي بيٺل آهي.ماءُ جي قدر ڪريو ڇو ته جڏهن اها نه هوندي،

تڏهن صرف افسوس، خالي گهر، ۽ اکين جا ڳوڙها اوهان جي زندگيءَ جو حصو ھوندا.جيڪا ماءُ اڪيلي سر پنهنجن ٻارن لاءِ، صبح جو سج کان اڳ اُٿي، در در وڃي ھن سماج  ۾ ڪم ڪري، بک، ٿڪ، سور سڀ سهندي، بس اولاد جي پيٽ لاءِ، تعليم لاءِ، لباس لاءِ، سندن مستقبل لاءِ پاڻ وساري ڇڏيندي آھي…۽ ھن فرسوده سماج جون بي واجبيون سھندي پنھنجو اندر اڌ ڪري ڇڏيندي آھي.۽ پوءِ جڏهن اها ئي اولاد وڏي ٿي  ماءُ کي چئي ته تون اسان لاءِ  ڪيو ئي ڇا آھي ته مان سمجھان ٿي، اهو فقط هڪ جُملو ناهي،اھو ته ماءُ جي ھانو تي رکيل چاقو آھي…جنھن جي ڪٽ اڳيان موت ۽ ماتم ٻچڙن جيان ننڍڙا ٿا لڳن…اھو ته ان سڄي زندگيءَ جي تذليل آھي، جيڪا هن ماءُ اولاد لاءِ نه صرف جيئي، پر هر پل مئي به..سچ  ته اھو آھي ته جنهن وقت ماءُ جي اڻٿڪ محنت تي ايڏو وڏو سوال ڪيو ويندو آھي ته ان وقت ماءُ جي اکين مان نڪرندڙ لڙڪ ئي سڀ کان وڏي چيخ ھوندي آھي،۽ دنيا جو سڀ کان وڏو جنازو ـ ان ماءُ جي دل جي خاموشي ھوندي آھي.جيڪڏهن اسان واقعي ماءُ کي مقام ڏيڻ چاهيون ٿا، ته اچو ته ماءُ جي حقيقي عظمت کي رڳو لفظن تائين نه، پر عمل، دل  سان مڃيون. ، ۽ سندس هر قربانيءَ لاءِ پنهنجي سيني ۾ جاءِ بڻايون.

اسلامي روايتن ۾ ماءُ جو مقام ته جنت کان به مٿي آھي. نبي ڪريم ﷺ جي فرمان موجب “ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت آھي” پر افسوس! اسان جي اسلامي معاشري ۾ ماءُ کي سندس ان حيثيت مطابق عزت نه ڏني وئي آھي نه ئي اھو مقام .ڳالھن جي حد تائين  ته سڀ چوندا آھن  ته ماءُ جي پيرن ھيٺان جنت آھي، پر جڏهن ماءُ پوڙھي ٿيندي آھي، تڏهن ئي اھا جنت بار بڻجي ويندي آھي. اسان جي ته اها روايت به ختم ٿيندي پئي وڃي ته ماءُ جي سامهون وڏي  آواز ۾ به نه ڳالهايو وڃي، هاڻ ته نوجوان نسل ماءُ جي سامهون مگن ھوندا آھن، ماءُ جي اکين ۾ سوال ته ھوندا آھن پر پوءِ  به ھوءَ گھڻو ڪري اولاد اڳيان خاموش رھندي آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.