ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ)پنجاب جي ربيع جي پوکائي لاءِ ارسا ۽ پنجاب سنڌ جو خريف داءُ تي لڳائيندي ڊيم ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن,سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وڃڻ باوجود ڊيمن ۾ 2.345 ملين ايڪڙ فوٽپاڻي گڏ ڪيو ويو آهي, جڏهن ته سنڌ جي احتجاج کي نظر انداز ڪيو ويو آهي, سرڪاري دستاويزن توڙي سرڪاري ذريعن موجب سنڌ ۾ پاڻي جي بدترين کوٽ باوجود ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي سمورن اعتراضن ۽ احتجاجن کي رد ڪندي سنڌ جي خريف کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪندي هن وقت تائين تربيلا, منگلا ۽ چشما ڊيم ۾ 2 ڏهائي 345 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب سنڌ ۾ مئي مهيني جي پهرين ڏهي ۾ تاريخ جي بدترين کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، پنجاب نه رڳو ڊيمن ۾ پاڻي جمع ڪري رهيو آهي پر گڏو گڏ دريائن مان وڌيڪ پاڻي پڻ کڻي رهيو آهي, چناب درياھ تي ايندڙ 38300 ڪيوسڪ سڀ جو سڀ پنجاب استعمال ڪيو آهي، جهلم درياھ ۾ ايندڙ 43520 ڪيوسڪ مان پنجاب ڪئنالن لاءِ 32000 هزار ڪيوسڪ کنيو ۽ 11520 ڪيوسڪ منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو آهي جنهن ڪري منگلا ڊيم جي سطح 1.235 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويئي آهي, سنڌو درياھ تي پنجاب تڪراري غير قانوني چشما جهلم فلڊ لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ۾ 6565 ڪيوسڪ پاڻي کڻي 1991ع واري پاڻي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ٻئي پاسي وري تڪراري تونسا پنجند فلڊ لنڪ ڪئنال جي کڻت وڌائي 7060 ڪري ڇڏي آهي جيڪا پڻ 91ع واري پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي, هوڏانهن پنجاب مظفر ڳڙھ ڪئنال کولي ان ۾ 3500 ڪيوسڪ , ڊيرا غازي خان ڪئنال جي کڻت وڌائي 3500 ڪيوسڪ ڪري ڇڏي آهي , جڏهن ته ڪڇي ڪئنال ۾ پڻ 600 سئو ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي,ارسا ۽ پنجاب جي ڏاڍ مڙسي سبب سنڌ کي گڊو بئراج وٽ فقط 39069 ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهيو آهي, گڊو وٽ سنڌ کي مئي جي پهرين ڏهي ۾ 68 هزار 100 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي ها پر پنجاب کي کنڌي تي بنا کوٽ جي سئو سيڪڙو پاڻي ڏنو پيو وڃي ته سنڌ کي وري چشما کان پاڻي ڏيئي سفر ۽ کوٽ سنڌ جي ڳچي ۾ وڌا ويا آهن. گڊو بئراج جي ڪئنالن کي 3700 بجائي رڳو 1250 ڪيوسڪ ڏنو ويو ۽ گڊو کي 66 سيڪڙو کوٽ ڏني ويئي آهي, سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو مس مس 34770 ٿيو آهي جنهن مان سکر جي ڪئنال کي 34900 ڪيوسڪ ڏيئي باقي فقط 9800 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج لاء ڇڏيو ويو آهي ۽ سکر بئراج جي ڪئنالن تي پاڻي جي کوٽ 29 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي ٻي طرف ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي 59 سيڪڙو کوٽ سان فقط 5095 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي پاڻي جي مجموعي کوٽ 39 سيڪڙو ٿي ويئي آهي, هوڏانهن سنڌ جي آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري ظريف کيڙي ۽ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي احسان لغاري ارسا اختيارين اڳيان سخت احتجاج ڪندي سي جي ۽ ٽي پي ڪئنال بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي گڊو بئراج تي ڏنو وڃي جيستائين سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي انوقت تائين ڊيمن ۾ ذخيرو نه ڪيو وڃي, ارسا ۽ پنجاب سنڌ جي سمورن احتجاجن ۽ اعتراضن کي رد ڪندي سي جي ۽ ٽي پي ڪئنالن کي بند ڪرڻ بجائي پاڻي جي کڻت وڌائي ڇڏي آهي ۽ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ واري ضد تي پڻ قائم آهي.