رانچي(م ڊ)ڀارتي مخالف پارٽي ڪانگريس جي صدر ملڪ ارجن کهڙگي وزيراعظم نريندر مودي ۽ پهلگام واقعي جي حوالي سان وڏي دعويٰ ڪئي آهي، رانچي ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي، ملڪ ارجن کهڙگي چيو ته نريندر مودي کي پهلگام واقعي تي انٽيليجنس رپورٽ اڳ ۾ ئي ملي چڪي هئي، هن وڌيڪ چيو ته اهو ئي سبب آهي جو نريندر مودي 19 اپريل تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو رد ڪيو هو، ڪانگريس جي صدر اهو به چيو ته سوال اهو آهي ته جڏهن نريندر مودي انٽيليجنس رپورٽن جي بنياد تي پنهنجو دورو رد ڪيو ته پوءِ هن عام شهرين جي حفاظت لاءِ ڪو به قدم ڇو نه کنيو؟.