اسلام آباد(بيورو+م ڊ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته روس پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ علائقائي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، صدر آصف علي زرداري ٻي عالمي جنگ ۾ روسي فتح جي 80 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نازي ازم تي روسي فتح جو ڏينهن اسان کي جنگ ۽ امن جي قدر جي ياد ڏياري ٿو، هن چيو ته هو پاڪ-روس دوستي کي هٿي ڏيڻ ۾ ولاديمير پيوٽن جي ڪردار جي تعريف ڪري ٿو ۽ يقين رکي ٿو ته پاڪ-روس دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا،صدر چيو ته پاڪ-روس اعليٰ سطحي مٽاسٽا ذريعي بهتر لاڳاپن جي بنياد رکي وئي،هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ روس کي خطي ۽ دنيا جي مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪن.