خيرپور(رپورٽ: عبدالمتين مهر) سول اسپتال خيرپور جي اڳوڻي ايم ايس سميت ٽن ڄڻن جي ضمانت منظور ٿي وئي، آزاد ٿيڻ بعدسکر جيل کان ايندي ڊاڪٽر جو ٻٻرلو ڌرڻي واري ھنڌ وڏو آجياڻو ڪيو ويو، ان ڏس ۾ سکر جي عدالت ۾ ضمانتن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، وڪيلن عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت ناما پيش ڪيا، عدالت اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر اعجاز احمد مگسي نادر مگسي ۽ نعيم احمد جانوري جي 30، 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي، ياد رهي ته سکر جي اي سيڪشن پوليس خيرپور سول اسپتال جي اڳوڻي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر اعجاز مگسي، نعيم احمد جانوري ۽ نادر مگسي کي شراب جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن بعد کين سکر سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو، ھوڏانھن ڊاڪٽر اعجاز مگسي جي آزاد ٿيڻ بعد ٻٻرلوءُ باءُ پاس تي ڌرڻي واري ھنڌ سميت ٻين ھنڌن تي دھلن ۽ گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي وئي.
سنڌ حڪومت اهڙيون حالتون پيدا نه ڪري جو وري روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿيون: عامر وڙائچ
ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل)ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ،جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي ۽ اشرف سمون سميت ٻين وڪيلن سٽي ڪورٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙن ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي، جنهن تي مختلف ضلعن ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اسان انهن گڏ بيٺل آهيون، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڌرڻي ۾ شريڪ ڪجهه صحافين خلاف به ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کي چيو ويو هو ته ڪنهن جي خلاف به انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي پر هاڻ انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، ان عمل جي پُر زور مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي خيال ڪرڻ گهرجي، ملڪ هن وقت نازڪ حالت مان گذري رهيو آهي، حڪومت کي پنهنجو معيار ڪيرائڻ نه گهرجي، ڏکين حالتن ۾ عوام کي فوج سان گڏ ئي بيهڻو آهي، هنن چيو ته ٻٻرلو ڌرڻو 11ڏينهن رهيو جيڪو پر امن رهيو، گلاس به نه ڀڳو، ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن تي ڪيس داخل نه ڪيا وڃن، مختلف ماڻهن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پوليس سنڌ جي شعور کي ڪچلڻ پئي چاهي، سنڌ جي شعور سان وڪيل برادري گڏ آهي، اسين سنڌ جي عوام سان گڏ آهيون، سنڌ حڪومت اهڙيون حالتون پيدا نه ڪري جو وڪيل برادري ٻيهر روڊن تي اچڻ تي مجبور ٿي وڃي.
پ پ حڪومت هوش کان ڪم وٺي، ڪوڙا ڪيس ختم ڪري: جماعت اسلامي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ٻٻرلو ڌرڻي جي مددگارن تي داخل ڪيسن جي مذمت ڪندي زور ڀريو آهي ته حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ جعلي ڪيس ختم ڪيا وڃن، جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ دوستي جا نعرا هڻندڙ سنڌ حڪومت، سنڌ جي باشعور عوام پاران پنهنجي جائز حقن لاءِ مزاحمت ڪرڻ تي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي، پيپلز پارٽي کي درياءَ بچايو تحريڪ تي ڪيتري ڪاوڙ آهي، ان جو اندازو مظاهرن خلاف انتقامي ڪارروائين ۽ ڪوڙن ڪيسن مان چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو، سياسي جماعتن، سول سوسائٽي، وڪيلن سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن پنهنجي سياسي شعور جو مظاهرو ڪري مفاد پرست حڪمرانن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ حقن جي سوديبازي هرگز برداشت نه ڪندا.
شھناز شيخ پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل
خيرپور (ڊر) سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ خلاف ٻٻرلوءَ باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي پاڻي ڪيمپ ھلائيندڙ ميزبان ۽ خيرپور جي مشهور سماجي اڳواڻ شھناز شيخ سميت 26 ڄڻن تي خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ شهناز شيخ پنهنجي وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنھن جي ٻڌڻي اڄ اربع ڏينهن ٿيندي، شھناز شيخ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اختر حسين ميتلو ۽ ان جي زال هن وٽ آيا هئا ته صفدر ڀٽي سندن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ ٿو چاهي جنھن بعد بي سيڪشن ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او مشتاق جتوئي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي مسئلي کي حل ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي ايترن مهينن ٻعد منهنجي مٿان ۽ ٻين عورتون ۽ مردن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ هڪ وڏو سوال آهي، ٻٻرلو ڌرڻي ۾ سوين عورتن سميت شرڪت ڪرڻ تي سرڪار پاران ڪوڙا من گھڙت ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن