اوٻاوڙي لڳ شر-ڀٽا-سيلرا ڌرين ۾ ويڙهاند، ڏوهاري شاھن شر مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو/اوٻاوڙو/رائونتي (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو لڳ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر، ڀٽا ۽ سيلرا ڌرين ۾ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، شر برادري جي هٿياربندن ڳوٺ ننڍو ڀٽو ۽ محبوب سيلرو تي جديد هٿيارن سان چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏوهاري شاھن شر مارجي ويو، جڏهن ته علي گل شر، سنهڙو شر، ننڍو ڀٽو ۽ مورو شر زخمي ٿيا. مارجي ويل شاھن شر پوليس کي 10 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ گهربل هو، جن ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس جي اهلڪارن جي قتل جا ڪيس به شامل آهن. پوليس موجب، شاھن شر اوٻاوڙو ۾ قتل ٿيل 3 سنڌ پوليس اهلڪارن ۽ پنجاب پوليس جي 12 اهلڪارن جي قتل ۾ به ملوث هو. فائرنگ بعد شاھن شر جو لاش ۽ زخمين کي سندس ساٿي ساڻ کڻي فرار ٿي ويا. ڀٽا برادري جي زخمي ننڍو ڀٽو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس طرفان واقعي واري علائقي جا رستا سيل ڪيا ويا ۽ دعويٰ ڪئي وئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. قبيلائي ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ، خوف ۽ بيچيني جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته پوليس فوري طور واقعي جو ڪيس داخل نه ڪري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.