دهشت گردي کي ٽئنڪن سان نه پر انصاف سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي: بلاول

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي پاڪستان لاءِ سزا نه پر انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي سنڌو درياهه رڳو اسان جي ڌرتيءَ تي نه پر قوم جي رڳن ۾ به ڊوڙي ٿو. بلاول ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران ڀارتي الزامن، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ دريائن جي وهڪرن کي روڪڻ وارن عملن تي ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جا عمل قدرت جي خلاف ڏوهه آهن، درياهن کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ انسانيت جي خلاف آهي. پ پ چيئرمين چيو ته سنڌو درياهه ڀارتي حڪمن جو نه پر قدرت جو پابند آهي. هيءَ وهڪرو امن جو علمبردار آهي ۽ انهن سڀني انسانن جو آهي، جيڪي ان مان فائدو وٺن ٿا.هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي، اسان جا سپاهي ۽ اسڪولن جا ٻار شهيد ٿيا، مان دنيا کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جو ڪو به هٿ ناهي. بلاول چيو ته هن چيو ته مان ڀارت ۽ سڄي دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته دهشتگردي کي رڳو ٽينڪن سان شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي، ان کي رڳو انصاف ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو. دهشتگردي جون پاڙون گولين سان ختم نه ٿيون ڪري سگهجن، ان کي اميد ذريعي ئي غير مسلح ڪري سگهجي ٿو. قومن کي خواب ڏيکاري دهشتگردي ختم نٿي ڪري سگهجي، پر دهشتگردي مان پيدا ٿيندڙ خدشن کي ختم ڪري ئي ان جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو.” بلاول ڀٽو ڀارتي حڪومت کي مخاطب ڪندي چيو ته "جيڪڏهن اوهان ڪشمير ۾ تشدد جو خاتمو چاهيو ٿا ته ماڻهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو، انهن کي سزا ڏيڻ بدران راءِ ڏيڻ جو حق ڏيو، انهن کي ڊاهڻ بدران مضبوط ڪيو، الحاق بدران انهن کي خودمختياري ڏيو. هن پنهنجي خطاب دوران موهن جو دڙو، هڙپا ۽ سنڌو تهذيب جو ذڪر ڪندي چيو ته درياهه رڳو قدرتي وهڪرو نه، پر هزارين سالن جي تهذيب جو نشان آهي، جيڪا ورهائي نٿي پر انسانن کي جوڙي ٿي. بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته ڪنهن به غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته خاموشي اسان جي ڪمزوري آهي. پاڪستان جون هٿياربند فوجون الرٽ، پرعزم ۽ تيار آهن. اسان جو آسمان محفوظ، سرحدون مضبوط ۽ قوم ڪراچيءَ کان خيبر ۽ لاهور کان لاڙڪاڻي تائين گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جو عوام سنڌو سڀيتا سان واسطو رکي ٿو، جتان انساني ترقيءَ جي شروعات ٿي،هن ئي تهذيب شهري رٿابندي، آبپاشي، زراعت، واپار ۽ رابطن کي جنم ڏنو.”اڳوڻي وفاقي وزير بلاول وڌيڪ چيو ته پاڪستان اهو ثابت ڪري چڪو آهي ته ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث آهي. هو صرف پنهنجي پروڪسيز ذريعي نه، پر پنهنجي هٿياربند فوجن جي ذريعي به دهشتگردي ۾ شامل آهي. نه رڳو پاڪستان ۾، پر ڀارت جا هٿ سري لنڪا، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن جي شهرين جي رت سان رنگيل آهن. ڀارت کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي هڪ اوزار طور استعمال ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو.”سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته 1965 جي جنگ وقت اپوزيشن اڳواڻ جي ڏاڏي جنرل ايوب خان چيو هو ته دشمن کي اها ڄاڻ  ناهي ته هن ڪنهن قوم کي چئلينج ڪيو آهي. مان اڄ ڪنهن به اڳواڻ کي خراب يا پنهنجي اڳواڻ کي سٺو نٿو چوان، اڄ صرف پاڪستان جي ڳالهه ٿيندي، مان نٿو چاهيان ته هن ايوان کان اهو وڊيو انڊين ميڊيا کي ملي، جنهن ۾ اسان کي وڙهندي ڏيکاريو وڃي. عطا الله تارڙ چيو ته ’عمران خان به اوترو ئي سٺو آهي، جيترا ٻيا سياسي اڳواڻ سٺا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.