سنڌ جي شعور جي نئين اڏاوت ۽ قيادت جي ڳولا

تحرير: ياسمين چانڊيو

اڄ جي سنڌ، ماضي جي سنڌ کان گهڻي مختلف آهي. اها سنڌ جيڪا پنهنجي درياهن، شاعريءَ ۽ قربانين سان سڃاتي ويندي هئي، هاڻ سياسي وايو منڊل جي تبديليءَ ۽ وفاق جي ناانصافي جي ڪري هڪ نئين موڙ تي بيٺل آهي. 2025ع جي سنڌ کي ڏسندي سوال اڀري ٿو ته اسان ڇا سکيو؟ ڇا وڃايو؟ ۽ اڳتي ڇا ڪرڻو آهي؟وفاقي حڪومتن، سدائين سنڌ کي صرف وسيلن جي ڌرتي سمجهيو. درياهه، گئس، تيل، ۽ زرخيز زمينون ڏيڻ باوجود سنڌ کي ان جو حصو ڪڏهن به نه ڏنو  ويو. پاڻيءَ جي کوٽ جا تازا انگ ٻڌائين ٿا ته 2024ع جي آخر تائين سنڌ کي واعدي موجب 47.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملڻو هيو، پر ان مان صرف 32 ملين مليو. پنجاب جا ڪئنال  ته ڀرجي ويا، پر سنڌ جا  واھ ڍنڍ ۽ ڪئنال سڪل ئي رھيا.

اهڙي صورتحال ۾نوجوانن، وڪيلن ۽ عام باشعور ماڻهن هڪ اهڙي جدوجهد جي شروعات ڪئي، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، دادو،  ڪراچيءَ، ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت ٻٻرلوءِ ۾ تاريخي احتجاج  عدالتي تحريڪون ۽ ميڊيا تي صاف ڳالهيون، اِهو ظاهر ڪن ٿيون ته هاڻ سنڌ جو شعور ڪا زيادتي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

جيئن مغربي ملڪن ۾ پراڻيون عمارتون صرف تاريخي اهميت لاءِ بچايون وينديون آهن، يا ڪي پراڻيون  عمارتون ڊاھيون به وينديون آھن . ايئن پوءِ رهائش لاءِ  نيون عمارتون ٺاھيون وينديون آهن ،جيئن قومن جو وڌيڪَ نقصان نه ٿئي ،. تھڙي ريت سنڌ کي به هاڻ پراڻي سياسي ڍانچي کي عزت ڏيڻ سان گڏ، نئين اڏاوت لاءِ جاءِ خالي ڪرڻي پوندي. پراڻي قيادت جيڪڏهن قوم سان سچي آهي، ته هن وقت کين خود احتسابي جي جرئت ڏيکارڻ گهرجي. گھڻو پري جي ڳالھه نٿي ڪيا. پر ڇا سياسي قيادتن گذريل ڏهن سالن ۾ ڪا اهڙي پاليسي جوڙي، جيڪا سنڌ جي پاڻي، تعليم، صحت، يا روزگار کي بچائي سگهي؟ ڇا انهن ڪو اهڙو فورم ٺاهيو، جتي سڀ ڌريون گڏجي سنڌ لاءِ فيصلا ڪن؟

قوم هاڻ نئين قيادت گهري ٿي. اها قيادت، جيڪا ذاتي مفادن بدران قومي مفادن لاءِ سوچيندي. جيڪا قوم کي گڏ ڪري، بغير ڪنهن فرقيواريت، زباني اختلاف، يا پارٽين جي جھيڙن کان اڳتي جي سوچ رکي . ڇو ته هاڻ سنڌ، تاريخ جي انتهائي نازڪ موڙ تي اچي بيٺي آهي ، جتي جيڪڏهن قوم متحد نه ٿي ته سخت نقصان کائي سگهي ٿي.

موجوده دور جي نوجوان نسل کي، جيڪو سوشل ميڊيا، قانون، تعليم، ۽ صحافت سان ڳنڍيل آهي، ان کي قيادت جي ذميواري کڻڻ کپي. تاريخ شاهد آهي ته هر تحريڪ جڏهن باشعور نوجوانن هٿان اڳتي وڌيا ته ان  يقيني تبديلي آندي آهي. ڀارت ۾ ڀوپيلي نالي ننڍڙي ڳوٺ مان نڪتل شيواجِي راڄ جي تصور کي بنياد بڻايو. ايران ۾ خميني جي تحريڪ ۾ شاگردن، محنت ڪشن ۽ قانوني ماڻهن جو وڏو ڪردار هو. مصر، تونس، سوڊان  سڀني جڳهن تي نئين قيادت عوام مان ئي پيدا ٿي.

اسان جي ملڪ ۾، خاص طور سنڌ ۾، اڳوڻا سياستدان جيڪڏهن پنهنجون غلطيون تسليم ڪن ته اها به سنڌ لاءِ خدمت هوندي. سندن خاموشي، مصلحتون، يا وفاق سان ڳجها ٺاهه، قوم کي نااُميد ڪري ڇڏيو آھي. مثال طور، جڏهن وفاقي واٽر ڪميشن ۾ سنڌ جا نمائندا خاموش رهيا ته اُها خاموشيءَ ئي پاڻيءَ جي ڌاڙي  جو سبب بڻي. جڏهن سي سي آءِ ۾ سنڌ جا وزير احتجاج نه ڪري سگهيا ته سنڌ جون زمينون اُجڙنديو ويون.

 سو هي نازڪ وقت آھي، جتي نه صرف وفاقي ادارن جي ذميواري آهي، پر سنڌ جي اندر موجود سياسي، سماجي، ۽ ادبي حلقن جي به آهي ته اهي هاڻ واضح موقف اختيار ڪن. انڪري جو وقت نهايت ئي تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي پر قومن لاءِ ڪجهه لمحن جو بروقت فيصلو صدين جو مستقبل سنواري سگهي ٿو. هاڻ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان ٻيهر ساڳين چالن ۾ ڦاسنداسين، يا اڳتي وڌنداسين؟

سنڌ جي سماجي ۽ سياسي طبقي کي پڻ سوچڻو پوندو ته سندن علم، ادب ۽ جدوجهد فقط سکڻن احوالن تائين محدود رهڻ گهرجي يا عملي ميدان ۾ به اچڻ گهرجي؟ ڇو ته هن وقت سنڌ کي صرف تقرير نه پر تنظيم کپي. صرف نعرا نه پر پاليسين جي ضرورت آھي.ھاڻ سنڌ کي نئين سياسي اڏاوت جي ضرورت آھي هيءَ تبديليءَ جي صدي آهي، جتي دنيا اڳيان وڌي چڪي آهي، هر ميدان ۾ نوان تجربا، نيون ڳالهيون، ۽ نئون فڪر جنم وٺي رهيو آهي. دنيا جي هر قوم پنهنجي نوجوانن جي صلاحيتن مان فائدو وٺي رهي آهي، جڏهن ته اسان وٽ اڃا تائين سوچ ۽ رستو اڌ صدي پراڻي آهي. پر خوشقسمتيءَ سان سنڌ جو نوجوان هاڻ جاڳي پيو آهي، ۽ ٻٻرلوءِ ڌرڻو ان جو وڏو ثبوت آهي، جتي نوجوانن ن رڳو همت سان آواز اٿاريو، پر ٽيڪنالاجيءَ، ميڊيا، تنظيم ۽ سياسي شعور سان پنهنجي موجودگي ثابت ڪري ڏيکاري.

سوشل ميڊيا اڄ جي سنڌ لاءِ نئون مورچو آهي، جتي لفظ هٿيار آهن، وڊيوز احتجاج آهن ۽ آواز نظريو بڻجي دنيا تائين پهچي ٿو. هاڻ اهڙو وقت ناهي جو ڪو به آواز دٻجي سگهي، يا ڪنهن جي جدوجهد نظرانداز ٿي سگهي. فيس بوڪ، ٽوئٽر، انسٽاگرام ۽ يوٽيوب سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهي نوان وسيلا  بڻجي ويا آهن، جن ذريعي هو پنهنجي سچائي، مزاحمت، ۽ شعور کي اجاگر ڪري سگهن ٿا.

جيئن ته وقت تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي، اهڙيءَ ريت سنڌ جي هر شعبي ۾ اڳواڻي جو بحران سامهون اچي رهيو آهي. وڏڙا، جيڪي پنهنجي دور ۾ بي مثال جدوجهد جا اھڃاڻ رهيا، هاڻ لڳي ٿو ته ٿڪجي پيا آهن. انهن وٽ تجربو آهي، پر توانائي، نوان رستا، ۽ وقت سان گڏ هلڻ جي سگهه هاڻ گھٽجي وئي  اٿن .سو نوجوانن وٽ سگهھ سميت شعور پڻ آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته سنڌ جي سياسي، سماجي، تعليمي، ۽ ثقافتي ميدانن ۾ نئين قيادت کي اڳتي آڻجي. اسان جي وڏڙن کي گهرجي ته هو پنهنجي تجربي کي ورثي طور نئين نسل ڏانهن منتقل ڪن، نه ڪي سندن رستا روڪ ڪن.

ٻٻرلوءِ ڌرڻي جهڙيون تحريڪون رڳو احتجاج نه پر شعور جي نئين لهر آهن. انهن احتجاجن مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌ جو نوجوان صرف آواز اٿارڻ نه ٿو ڄاڻي، پر مسئلن کي سمجهي، انهن جا حل تجويز ڪري، ۽ منظم طريقي سان تحريڪ کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو. هي نسل هاڻ علم، اظهار، ۽ اڳواڻيءَ جي هر سطح تي تيار آهي.ھاڻ وقت اچي ويو آھي  ته سنڌ لاءِ، پنهنجن لاءِ، اچڻ وارن نسلن لاءِ،  ذميواري ورتي وڃي. ڇو ته هي رڳو سياست نه، پر سڄي وجود جي بقا جو سوال آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.