رائونتي ڀرسان جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال کي قتل ڪري ڇڏيو

رائونتي/اوٻاوڙو (رپورٽ:برڪت گهنڃو/ عبدالحئي ڇڄڻ)رائونتي ٿاڻي جي حد رائونتي ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ خان رند ۾ مبينه طوروحشي صفت مڙس پنھجي گھر واري 39 ورھين جي مسمات واڌل کي قتل ڪري فرار ٿي ويو اطلاع ملڻ تي رائونتي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي مقتولا عورت جو لاش تعلقه اسپتال اوٻاوڙو  منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ان سلسلي ۾ علائقي ۾ چئو ٻول ھلي رھيا آھن  ته گھريلو اڻبڻت تان مڙس پنھجي گھر واري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، رائونتي پوليس موجب واقعو جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ابتدائي جاچ مطابق واقعو گھريلو اڻبڻت تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.