اسلام آباد/نيويارڪ(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتان گهٽائڻ لاءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل سرگرم ٿي ويو. ان سلسلي ۾ هن پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جئيشنڪر سان رابطو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻنهي ملڪن کي صبر جي اپيل ڪندي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي . وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌ طاس جو پاڻي 24 ڪروڙ عوام لاءِ جياپو آهي، ڀارتي قدم ناقابل قبول آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته خطي ۾ عدم استحڪام جو ڪارڻ ڪشمير تڪرار آهي، گڏيل قومون ڪردار ادا ڪن. شهباز چيو ته هر قسم جي دهشت گردي جي مذمت ڪيون ٿا، مهم ٿي ته ملڪ جو بچاءُ ڪنداسين. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ڀارتي وزيراعظم کي صبر ۽ تحمل جو مشورو ڏئي.