سنڌ طاس معاهدي جي معطلي علائقائي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي:برطانوي اخبار

لنڊن (ع آ نيوز) سنڌ طاس معاهدي جي معطلي تي ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي کي عالمي سطح تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي سبب علائقائي سلامتي کي سنگين خطرو آهي ۽ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ آبي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي. برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته ڀارت جي تازن قدمن سان پاڻي جي سيڪيورٽي تي ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان آهي، معاهدي جي عارضي معطلي سان ٻنهي مُلڪن تي ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ طرفن قدمن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. برطانوي اخبار موجب، ڀارت جو موقف خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو، پاڪستان خلاف هڪ طرفا فيصلا ڀارتي جي آبي سلامتي لاءِ به هاڃيڪار آهن، ماضيءَ جي تڪرارن باوجود سنڌ طاس معاهدو امن جي بنياد رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.