ماهه رنگ سميت بي واءِ سي قيادت تي جيل ۾ تشدد ڪيو پيو وڃي: سمي دين

ڪراچي( رپورٽر) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ سمي دين بلوچ چيو آهي ته کين پرامن احتجاج ڪرڻ به نه ٿو ڏنو وڃي.ڪراچي پريس ڪلب ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (BYC) جي مرڪزي اڳواڻ سمي دين بلوچ چيو ته ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ سميت بي واءِ سي جي سڄي قيادت کي غيرقانوني طريقي سان جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي، ۽ ملڪ ڀر ۾ پرامن احتجاج جو حق کسيو پيو وڃي. هنن چيو ته جعفر ايڪسپريس تي ٿيل حملي کان پوءِ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون، جڏهن ته اسان هڪ پرامن سياسي تنظيم آهيون ۽ تشدد جي خلاف آهيون. ان واقعي کي بنياد بڻائي ميڊيا ٽرائل ۽ گرفتاريون ڪيون ويون. سمي دين بلوچ موجب بلوچستان حڪومت جعفر ايڪسپريس واري واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاشن سان مشڪوڪ سلوڪ ڪيو، انهن کي وارثن کان لڪائي دفنايو ويو. هن ٻڌايو ته 19 مارچ کان جاري ڪريڪ ڊائون دوران ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ، بيبو بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، جتي انهن تي تشدد ۽ ڌمڪين جا واقعا ٿيا. 24 مئي تي ڪوئٽه پوليس ۽ سي ٽي ڊي پاران جيل ۾ قيدين تي غيرقانوني تشدد ڪيو ويو. بيبو بلوچ کي هده جيل مان جبري گم ڪري پوءِ پشين جيل ۾ ظاهر ڪيو ويو. جيلن ۾ قيد سياسي قيدين ڪيترن ئي ڏينهن کان بک هڙتال تي هئا، جيڪا لاپتا ماڻهن جي وارثن جي اپيل تي ختم ڪئي وئي. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ سمي دين بلوچ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جيلن ۾ قيد سياسي ڪارڪنن کي ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري رياست ۽ حڪومت تي عائد ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.