ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾سنڌ دشمن ڪينالن خلاف نائين ڏينهن تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڌرڻو ختم ٿيڻ بعد معطل ٿيل ٽريفڪ بحال ٿي وئي، ڪنڌڪوٽ گولا موڙ تي لڳل ڪيمپ پٽي وئي، ڪينالن کي وفاق رد ڪرڻ ۽ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ ۾ تاريخي جدوجھد ڪرڻ تي شھرين پاران اڳواڻي ڪندڙن کي کي مڃتا ڏيندي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين کي گلن جا ھار پارائي مٺائي کارائي وئي، انھي موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪنڌ ڪوٽ جي باشعور عوام ۽ ميڊيا ساٿ ڏنو جنهن ڪري ڪنڌڪوٽ گولا موڙ جو ڌرڻو ڪامياب ٿيو .
-
وفاقي حڪومت پاران سي سي آءِ جي فيصلي کانپوءِ عدالت ۾ جواب جمع
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نون ڪينالن جي اڏاوت جي لاءِ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي ۽ پاڻي جي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ وفاقي حڪومت پاران ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان تڪراري ڪينالن واري منصوبي جي رد ٿيڻ وارو نوٽيفڪشن پيش ڪيو، عدالت ۾ ارسا جا نمائندا، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو سميت ٻيا پيش ٿيا، عدالت ۾ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان رپورٽ پيش ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت پاران سي سي آءِ جو اجلاس گهرائي تڪراري ڪينالن واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي سرڪار جي وڪيل چيو ته سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ارسا پاران جاري ڪيل پاڻي واري سرٽيفيڪيٽ جو نوٽيفيڪشن به رد ڪيو ويو آهي،عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ مان ارسا جي نمائندي جي مقرري بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 22مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .