ٻٻرلو/ سکر/ خيرپور/ اوٻاوڙو (نمائندا) تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلو ۾ ڪالهه 12 ڏينهن ۽ ڪمون شهيد وٽ ستين ڏينهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڪالهه ٻٻرلو ۾ وڪيلن جو ڌرڻو 12 ڏينهن به جاري رهيو، جنهن ۾ يڪجهتي طور عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ڪارڪنن جي وڏي تعداد سان گڏ شرڪت ڪئي، ڪالهه شام جو گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، سکر ۾ پهچي ٻٻرلو ڌرڻي جي وڪيل ڪاميٽي اڳواڻ سان ڳالهيون ڪيون، ڳالهيون سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر ۾ ٿيون ، سرڪاري وفد جي اڳواڻي گهرو وزير ضيا حسين لنجار ۽ چيئرمين سکر ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه ڪري رهيا هئا، وڪيلن جي 11 رڪني ٽيم ۾ عامر نواز وڙائچ، سرفراز ميتلو، سيد جعفر شاهه، قربان ملاڻو ۽ ٻيا شامل هئا، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين وڪيل ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ماڻهو چون پيا ته پي پي صرف لالي پاپ ڏئي رهي آهي انهن کي سمجهايو ته ائين ناهي اميد آهي ته وڪيل دوست منهنجي اپيل تي ڌرڻو ختم ڪندا، ضلع ڪائونسل سکر جي چيئرمين ڪميل شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير ضياءُ لنجار چيو ته وڪيلن جا ڪجهه خدشا آهن اسان ائين نه ٿا چئي سگهون ته اهي صحيح يا غلط آهن، درياءِ سنڌ تي ٺهندڙ ڪئنال اتفاقِ راءِ کانسواءِ قبول ناھن سي سي آءِ اجلاس ۾ معاملو ختم ٿي ويو، پهريان وڪيل اڳواڻ چون پيا ته ڪئنالن جو نوٽيفڪيشن ڏيو پر هاڻ انهن جا ٻيا مسئلا آهن، ڌرڻي بابت مونکي اميد آهي ۽ يقين به آهي ته وڪيل اسان جي ڳالهه مڃيندا ڀارت سان به مسئلو هلي رهيو آهي ملڪ جي بقا ٿيندي ايتري تڪراري صورتحال ۾ هي ڌرڻو ختم ٿيڻ گهرجي، وڪيل ڪاميٽي کي چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تي اسان کان بريفنگ وٺندا اسان کي ڪريڊٽ نه گهرجي، اسان صرف چاهيون ٿا ته ڌرڻو ختم ٿئي، سرڪاري وفد سان ملاقات بعد وڪيلن جي ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن کان پوءِ وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ۽ سرفراز ميتلو گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اجلاس دوران وڪيلن حڪومت جي طرفان ڪيل وعدن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته وڪيل برادري پنهنجو احتجاجي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيندي، وڪيل اڳواڻن چيو ته ڇهن ڪينالن بابت سرڪاري سطح تي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ وڪيلن برادري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هنن وضاحت ڪئي ته نوٽيفڪيشن ۾ شامل سڀئي نڪتا وڪيلن جي خدشن مطابق آهن، جنهن کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڌرڻو ختم ڪيو وڃي، هنن چيو ته ته حڪومت 7 مئي تائين لاڳاپيل قانوني دستاويز فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، انهن دستاويزن ۾ وڪيلن جي قانوني ۽ پيشه وراڻي حقن سان لاڳاپيل سڀني معاملن جا تفصيل شامل هوندا، جنهن تي وڪيل ڪاميٽي اطمينان جو اظهار ڪيو، ملڪ جي سياسي ۽ قانوني صورتحال کي نظر ۾ رکندي اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن سڀني مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڳولي سگهجي، هنن پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ بابت واضح چيو ته ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، عامر وڙائچ چيو ته حڪومت ڪئنالن وارو تڪراري منصوبو ختم ڪري مطالبو پورو ڪيو آهي، ضيا لنجار سان ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڳالهيون ٿيون آهن، هن چيو ته اسان زمين ناهي ڏني توهان کي ڪاغذ ڏيکارينداسين، سرفراز ميتلو چيو ته سنڌ جي زمين ڪنهن کي به ڏيڻ نه ڏينداسين، زمين غريب هارين کي ڏني وڃي، ان کان اڳ ڌرڻي کي خطاب ڪندي نور احمد ڪاتيار چيو ته گذريل ڏينهن سي سي آئي اجلاس جو فيصلو سنڌي عوام جي سگھاري جدوجھد کي ڪمزور ڪرڻ جي ھڪ سازش آهي، جنهن کي اسان سڀني گڏيل حڪمت عملي سان ناڪام ڪري پرامن ۽ جمھوري جدوجھد کي اڃا وڌيڪ تيز ڪرڻ جو رستو ورتو آھي، ڪئنالن جي رٿا کي ڪنھن به فورم پاس نه ڪيو ھو، زرداري اقتدار کي ڊگھو ڪرڻ جي لالچ ۾ صحيحي ڪئي، سي سي آئي ايڪنڪ کان آيل سفارش کي ان ھدايت سان واپس ڪيو ته واسطيدار ڌرين جي صلاح سان ھن رٿا کي کڻي اچو. ڊرامو ته ڏسو، واسطيدار سموريون ڌريون اتي موجود ھيون پوءِ وري اينگھائڻ جي سڌي معنيٰ رٿا کي ختم ناھي ڪرڻو، اسان سڀني جي جدوجھد جي ڪري سال کان نه ٿيندڙ سي سي آئي جو اجلاس وري راتو رات ٿي وڃي ٿو، ڌرڻن جي پريشر ڪري ڪئنالن کي ختم ڪرائڻ بدران وزير اعليٰ مراد علي شاهه وري پڪو ڪرائي آيو ته ڪئنال اڪثريت راءِ سان ٺھندا، ھي سي سي آئي جو فيصلو وڌيڪ خطرناڪ آھي، عوامي تحريڪ وري به چئي ٿي ته سي سي آءِ ۽ ايس آئي ايف سي کي ھميشه لاءِ ختم ڪريو ۽ اسان کي انھن جو ڪو به فيصلو قبول ناھي ۽ اسان سمورن ڪيل فيصلن کي رد ٿا ڪريون، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين عرب ملڪن ۽ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ جو سڌو مطلب آهي ته سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويندو. وڪيل اڳواڻ ڌرڻي بابت جيڪو به فيصلو ڪن اهو کين اختيار آهي پر سنڌ جو عوام ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ، 26 هين آئيني ترميم جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکندو، هوڏانهن اوٻاوڙو جي نمائندي موجب سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ذوالفقار جلباڻي، ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو ۽ اوٻاوڙو بار جي صدر قادربخش ڀٽي ڪمون شهيد وٽ لڳل ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جدوجھد رنگ لاتو آھي، ھي اسان جي ڪاميابي نه پر سڀني ڌرتي ڌڻين جي ڪاميابي آھي، اسين سنڌ ۽ سنڌو جي بقا ۽ جياپي خاطر جدوجهد جاري رکنداسين.