سکر (عوامي آواز نيوز) معصوم نياڻي پريا ڪماري جو پيءُ ڌيءُ جي آزادي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ پهچي ويو. ٻٻرلوءِ ۾ وڪيلن جي ڌرڻي ۾ دانهيندي پريا ڪماري جي پيءُ چيو ته پريا 10 محرم تي سبيل هلائيندي گم ٿي وئي، سندس امڙ روئي روئي نور وڃائي ڇڏيو آهي، اسان دانهي دانهي ٿڪجي پيا آهيون، رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن، توهان کي هن پاڪ ڪتاب جو واسطو آهي ته نياڻي آزاد ڪرائي ڏيو. هن چيو ته اسان کي ضياءُ الحسن لنجار صاحب چيو هو ته توهان جي نياڻي تائين پهچي ويا آهيون، ڪجهه ڏينهن مهلت ڏيو آزاد ڪرائينداسين پر اسان کي پريا اڃا تائين ناهي ملي. سندس چوڻ هو ته اسان غريب آهيون ۽ ڪنهن سان به اسان جي دشمني ناهي، رڳو آسرا ڏنا پيا وڃن، جيڪڏهن نياڻي واپس نٿا ڪرائي سگهو ته اسان کي ماري جان ڇڏايو، روز روز جي سور کان هڪڙو ئي سور ڏيو. پريا ڪماري جي پيءُ چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته اها شهرين جو تحفظ ڪري، اسان ٿڪجي پيا آهيون ۽ ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، جن نياڻي کي کنيو آهي خدا انهن کان حساب وٺندو، اسان هتان جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ ٻين کي به اپيل ڪنداسين ته نياڻي واپس ڪرائي ڏيو. هن چيو ته مان ٻٻرلوءِ وارن کي، وڪيلن کي ۽ سنڌ واسين کي اپيل ٿو ڪيان ته مون سان گڏ بيهو ۽ نياڻي واپس ڪرائي ڏيو.