نئين دهلي(م ڊ) پهَلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ ڀارتي فوج وائڙاپ جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن دوران پنهنجي ئي سک فوجين تي فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 5 سک اهلڪار مارجي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي فوج جي ٻن يونٽن هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، واقعو 25 ۽ 26 اپريل جي وچ واري رات والاريل ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول تي جاپاله برج، بارهمولا سيڪٽر ۾ پيٽرولنگ دوران پيش آيو.
-
عالمي بينڪ پاران پاڪستان لاءِ 10 ڪروڙ 80 لک ڊالر جي مالي مدد جي منظوري
اسلام آباد(م ڊ) عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 10 ڪروڙ 80 لک ڊالر جي اضافي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي، جنهن جو مقصد خيبر پختونخوا (ڪي پي) ۾ سماجي خدمتن، مارڪيٽن ۽ نوڪرين تائين رسائي بهتر بڻائڻ وارن ٻن منصوبن تي عملدرآمد ڪرڻ آهي، سرڪاري خابرو اداري ’اي پي پي‘ مطابق، عالمي قرض ڏيندڙ اداري خيبر پختونخوا رورل ايڪسي سيبليٽي پروجيڪٽ لاءِ 7 ڪروڙ 80 لک ڊالرن ۽ خيبر پختونخوا انٽيگريٽيڊ ٽورازم ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ (KITE) لاءِ 30 لک ڊالرن جي اضافي فنانسنگ فراهم ڪئي آهي.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل شهرين جي بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته سرجاڻي ٽائون مان گم ٿيل مظفر علي بابت ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ جنهن تي گهرو کاتي جي فوڪل پرسن چيو ته گم ٿيل شهري جي خاندان کي مالي مدد لاءِ سمري منظور ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس انتهائي اهم آهي، هزارين ماڻهو گم آهن،عدالت پاران گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس پوليس قانونن ۾ 3 مهينن اندر سڌارا آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت سرجاني ٿائون جي علائقي مان 2022ع تي گم ٿيل مظفر علي خان جي ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ تي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو آهي، عدالت شهري عارف جي گمشدگي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت گم ٿيل شهري بشير، شوڪت ۽ ٻين بابت به اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي.عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي .
-
عدالتي حڪم باوجود عمران سان ڀينرن ۽ وڪيلن جي ملاقات نه ٿي
راولپنڊي(م ڊ) عدالتي حڪم باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان اڊياله جيل ۾ سندس ڀينرن، وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن جي ملاقات نه ٿي سگهي. عليمه خان، عظميٰ خان، نورين خان ۽ قاسم خان سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ وڪيلن کي پوليس جيل جي گيٽن ۽ روڊن تي روڪي ڇڏيو. ان دوران پوليس سان تڪرار به ٿيو. عمران خان جيڀينرن احتجاجاً جيل تائين پيادل مارچ ڪيو. صرف بشريٰ بي بي جي ڀاڄائي مهر النساء کي اندر وڃڻ جي اجازت ملي. پي ٽي آءِ اڳواڻن عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي احتجاج ڪيو ۽ ان کي سياسي انتقام قرار ڏنو، خاص طور تي ڀارت سان وڌندڙ تڪرار جي پس منظر ۾ ملاقاتن کي اهم قرار ڏنو ويو. وڪيل بيرسٽر سلمان صفدر ۽ چيئرمين پي ٽي آءِ بيرسٽر گوهر خان کي به روڪيو ويو. بيرسٽر گوهر خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملاقاتن ۾ رنڊڪ وجهڻ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي آهي، باني پي ٽي آءِ سان مشاورت ضروري آهي.