اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ پاڪ ڀارت تڪرار بابت خواجه آصف جي بيان کي غير ذميواراڻو بيان قرار ڏنو ويو، مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) جي سربراهه سينيٽر علامه راجا ناصر عباس سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته دفاعي وزير خواجه آصف غير ذميوارانه بيان ڏنو آهي، سندس بيان جو پاڪستان نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، هو هتي اچي حقيقت بيان ڪري، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پهلگام واقعي سان اسان جو ڪو واسطو ناهي، ڀارت جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ته پوءِ نفعو يا نقصان نه ڏسنداسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته ڀارت پاڪستان تي الزام هڻي پنهنجي سياست چمڪائڻ چاهي ٿو، سينيٽر هدايت الله چيو ته اسان جون فوجون دنيا جون بهترين فوجون آهن، مودي هوش کان ڪم وٺي، اسان کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، سينيٽر گرديپ سنگهه چيو ته: "انتهاپسند مودي دنيا جو امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، سينيٽر دنيش ڪمار چيو "جيڪو به پاڪستان تي بري نظر وجهندو، ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين، سينيٽر ڪامل علي آغا چيو جيڪڏهن سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڀارتي ڊيم کي زمين تان مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، سينيٽ اجلاس دوران ايمول ولي خان ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ حڪومتي ميمبرن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.