ٽنڊوالهيار(ڊ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٽنڊو الهيار لڳ عثمان شاھ هڙي شھر ۾ رائيل پيٽرول پمپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.احتجاجي ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالرحمان سمون، ضلعي صدر نياز بهراڻي، بچل سميجو، حنيف سارنگ، عبدالحئي ڀٽو، نبي بخش ميرجت، مظهر ميرجت، سنڌي ھاري تحريڪ جي ضلعي صدر اسد نظاماڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو ۽ ٻين ڪئي.احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪينالن جي مسئلي تي سي سي آئي جي اجلاس ۾ سنڌي ماڻهن جي پرامن جدوجھد کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سنڌ جي ماڻهن جو گڏيل هڪ ئي نعرو هو ۽ آھي ته ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور پر ڪالھ واري سي سي آء جي اجلاس ۾ ڪينالن کي رد ڪرڻ بدران سي سي آءِ کي ڪئنال ٺاهڻ جو اختيار ڏيڻ عوام جي اکين ۽ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي.