ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي تازي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته عمر ايوب موقعي پرست آهي، وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏي ٿو. هن الزام هنيو ته عمر ايوب جون وفاداريون تبديل ٿينديون رهن ٿيون، هو نه رڳو سنڌ پر پنهنجي قائد عمران خان سان به مخلص ناهي. هن چيو ته سنڌ ته پري جي ڳالهه پر عمر ايوب عمران خان سان ئي سچو ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته هو ڌار گروپ ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ته جيئن پنهنجي اهميت وڌائي سگهي.