خدشو آهي ته بجيٽ کانپوءِ پ پ ٻيهر پاڻي تي ڌاڙو هڻائيندي: عمر ايوب

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي پيپلزپارٽي جي ڌاڙي خلاف سڀني ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، 6 مهينا اڳ اسان پارليامينٽ ۾ آواز اٿاريو هو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري اسٽيبلشمينٽ سان ملي ڀڳت ڪري سنڌ جو پاڻي وڪڻي ڇڏيو هو، خدشو آهي ته بجيٽ کانپوءِ پيپلزپارٽي ٻيهر سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻائيندي. تڪراري ڪئنالن جي معاملي تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن چيو ته جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي عوام، اپوزيشن پارٽين، وڪيل برادري ۽ حليم عادل شيخ کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، سڀني پ پ جي ڌاڙي خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو اڃا ملتوي ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.