شعور جي نئين منزل ڏانهن مشعل کڻي اڳتي وڌندڙ سنڌ

تحرير: اياز لطيف دايو

مسلسل ٻٻر لوءِ ڌرڻي ۾ وڃون پيا، پر خبر ناهي ته ڪهڙو جذبو آهي، جيڪو هر سنڌي کي چقمق وانگر انهيءَ هنڌ ڇڪي وڃي رهيو آهي، هي شخص عامر نواز وڙائچ به ڪيڏو نه خوشنصيب آهي، جنهن کي هزارين ماڻهن جي طرفان جيترا اجرڪ ۽ ٽوپيون ۽ گلن جا هار مليا آهن، اوتريون ئي چميون ملي رهيون آهن، هو سنڌ جو ديو مالائي ڪردار بڻجي چڪو آهي، جنهن سان ملاقات لاءِ عورتن، ٻارڙن، مردن ۽ هر قسم جي پارٽي ۽ تنظيمن کان علاوه عام ماڻهن جا ڳاهٽ آهن،سنڌي ماڻهن اهو وساري ڇڏيو آهي ته هو انھي قوم جو حصو آهي، جنهن جي استحصالي طبقي جي خلاف سمورو ڏينهن ۽ رات انهي ڌرڻي ۾ نعرا لڳي رهيا آهن،ڪراچي جي دل ۾جنم وٺندڙ هي نوجوان هزارين ماڻهن جي ڀاڪرن ۾ ڪومائجي وڃي ٿو، سندس چهري تي ٿڪاوٽ جا اولڙا واضع نموني نظر ايندا آهن پر هن جي نيڻن ۾ عجيب چمڪ آهي، جنهن مان ڪنهن به قسم جي بيزاري محسوس نٿي ٿئي،هو هزارين ماڻهن جي چمين، ڀاڪرن،ڌڪن ،ٿاٻن،محبتن ۽ عقيدتن کي اکين تي رکي قبول ڪري ٿو ۽ ڪنهن وقت ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ايڏين ساگر جيڏين اٿاهه محبتن کي ڏسي روئي پوندو، جيئن هر حساس ماڻهو ڪندو آهي،پر بهادر ماڻهو پنهنجي هماليا جهڙن احساسن سان اٽل هوندا آهن، اهڙين لازوال محبتن کي ڏسي محسوس ٿيندو آهي ته ڪا قبوليت جي دعا به هوندي آهي،جيڪا هر ڪنهن جي حصي ۾ ناهي ايندي، مون هن شخص جي پروفائيل کي ڏٺو آهي، هن جي هر لفظ ۾ خلوص جي ميندي جهڙي خوشبو محسوس ٿيندي آهي، ڪنهن ٻي قوم، ڪنهن ٻي ڌرتي جو درد هر ماڻهو محسوس ناهي ڪري سگهندو، شروع کان وٺي منهنجي نيچر ۾ هيروئزم ناهي رهي، هيرو بڻجي ويندڙ ماڻهن ۾ مون تمام وڏي آڪڙ،مصنوعيت ۽ انا جون ديوارون ڏٺيون آهن،پر يقين ڪيو ته زندگيءَ جي پوري اڌ صديءَ جي شعوري سفر ۾ هڪڙو شخص هو ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن جو جڏهن 1987 ۾ اسان پنهنجي قافلي جي نظرياتي دوستن سرڪاري باغ گهوٽڪي ۾ تاريخي جلسو ڪيو هو ته رات جي ماني تي هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ پڇيو هو ته ڪامريڊ گهوٽڪي مان لاهور جي هڪ هفتي جي دوري تي ٽرين جي سيڪنڊ ڪلاس بوگي ۾ مون سان گڏجي ڪير سفر ڪندو ته مون کيس چيو هو ڪامريڊ اوهان منهنجي دل جي ڳالهه ڪيئن پڙهي ورتي ته هو بس مرڪي پيو هو ۽ ٻئي ڏينهن اسان گهوٽڪي مان مرحوم ستار گهوٽو ۽ سکر مان مرحوم شبير بيدار ڀٽو عرف سڄڻ ڀٽو ۽ ٻيا دوست لاهور لاءِ ٽرين جي سيڪنڊ ڪلاس بوگي ۾ پراڻي سکر ۾ ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي جي گهر تان رات جو روانا ٿيا هئا سين، دل چوندي هئي ته هر پل ڄام جي ڇانوري ۾ ويهي رهجي ۽ ساڳي ڪيفيت مون کي وڪيلن جي اڳواڻ هن شخص کي ڏسي محسوس ٿي ،سخت پيهہ ۾ ايڊووڪيٽ راحب ملاڻي ٿوري اسپيس ٺاهي ڏني ۽ مون هن کي ڀاڪر ڀريو، کيس ڪن ۾ چيم ته ايازلطيف دايو مرڪزي آڊيٽر سنڌي ادبي سنگت سنڌ ته هو خبر ناهي سمجهيو يا نه پر اسان ٻيئي ڀاڪرن ۾ هئا سين ۽ مون کيس هڪڙي روح جي نازبو واري ول سان کيس چمي ڏني جيڪا رئوف پارس محفوظ ڪري ورتي هئي، خبر ناهي هن وڪيلن جي اڳواڻ جي مستقبل ۾ ڪهڙي حڪمت عملي هوندي،خبر ناهي ته هو سنڌي ماڻهن جي لازوال تهذيب اجرڪ جهڙين چمين ۽ محبتن کي پنهنجي دل جي ڪنهن خاني ۾ سانڍي اڳتي وڌندو يا هن تحريڪ جي پڄاڻي بعد هو پروفيشنل وڪيل بڻجي ايئر ڪنڊيشن آفيس ۾ ويهي انهن محبتن کي وساري ڇڏيندو،ڀلي هو ڇا به ڪري پر مان سمجهان ٿو ته تاريخ ۾ اهڙا ڪجهه ماڻهو ئي هوندا آهن، جيڪي انهن محبتن جي وڻ جي آبياري ناهن ڪندا، خبر ناهي هن ڀٽائي ۽ اياز کي پڙهيو آهي يا نه پر الائي ڇو محسوس ٿئي ٿو ته هو ڀٽائي جي انهيءَ سٽ کي سدائين گڏ کڻي هلندو

ٿي تنين سين ڏيٺ ،موٽڻ جنين مهڻو

يا اسان جي ڌرتيءَ جي اياز جي سٽ وانگر هو چوندو رهندو ته

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا

جيڪڏهن ھو انهيءَ سوچ ۽ لوچ جي مشعل کي کڻي اڳتي وڌيو ته هن جي ڳچي ۾ صرف اجرڪن جا ستارا نه هوندا پر هن جي لاءِ ساڳيون غير مشروط محبتون هونديون، انهن محبتن کي ڪير ڪروڙن ۾ به خريدي نٿو سگهي،پر اگر اهي محبتون دلين جي آڪاس تان لهي هن جي آڏو سربسجود آهن ته هن جي نيڻن کي صرف انهن دلين پڙهي ناهي ورتو پر هن جي باک جهڙو حوصلو ۽ عزم به انهن جي سامهون آهي، هن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو هن ملڪ جي قيام کان وٺي نظر ناهي آيو، جڏهن رياست پاڻ چوي ٿي ته پنجاب ويندڙ 20 هزار ٽرڪون ۽ ٽرالر ،350 مسافر ڪوچون لڳ ڀڳ هڪ هفتي کان بيهجي ويون آهن پر ڪنهن کي  پٿر به نه لڳو آهي، وس آهر انهن جي مهمان نوازي ٿي رهي آهي، هونئن ڀٽائي، سچل ۽ بيدل جي ڌرتيءَ جي سڃاڻپ اهنسا واري آهي،پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته واڳون اسان جي وجود کي ڳڙڪائي وڃن ۽ اسان چپ جو روزو رکي سمهي پئون ۽ اهو اسانجي ديس جي ماڻهن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته پر امن احتجاج جو حق ڪهڙي طرح استعمال ڪبو آهي، سنڌ جي نالي تي رواداريءَ سان گڏجي ڪيئن اڳتي وڌبو آهي،هاڻي جڏهن ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ جي اڳواڻي ۾ سموري سنڌ جي وڪيلن تاريخي مستقل مزاجي سان سکر جي ٻٻرلوءِ جي مقام تي تاريخي ڌرڻو لڳايو آهي ته سنڌ جي هزارين لکين ماڻهن انهيءَ جدوجهد کي اون ڪيو آهي، جيڪو ٻٻرلوءِ نٿو پهچي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته انهيءَ سنڌ سان بيوفائي ڪئي، پر هاڻي ته سموري سنڌ ٻٻرلوءِ ٿي چڪي آهي،منهنجي دلي خواهش آهي ته انھي ٻٻرلوءِ جي مقام تي هڪڙو يادگار ٽاور تعمير ٿيڻ گهرجي، ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪمون شهيد تائين اهڙي تحريڪ جي ابتدا ٿي چڪي آهي،وڪيلن جي اڳواڻ عامر نواز کي سلام آهي جنهن هن تحريڪ ۾ جان وجهي ڇڏي آهي، جنهن واضع نموني اعلان ڪيو آهي ته اگر حڪمرانن اکيون بند ڪري ڇڏيون ته ريلوي ٽريڪ کي به بلاڪ ڪيو ويندو،هن نوجوان وڪيل جي نيڻن ۾ اها جذبي جي مشعل انهيءَ ڪري ڏينهون ڏينهن روشن ٿي رهي آهي ته هن ڌرتيءَ جي ماڻهن کيس لازوال محبتون ڏنيون آهن،هو ڏسي رهيو آهي ته کاڌي پيتي جا گدام ڀرجي ويا آهن، اهڙي سخت ڪاڙهي واري موسم ۾ ٿڌي پاڻي جون لکين بوتلون، شربت ۽ ٿاڌل موجود آهي،هن کي اهو معجزو لڳي رهيو آهي، حڪمرانن جي رڌڻي ۾ رولو آهي ۽ هو سوچي رهيا آهن ته اهڙي پرامن عوامي مزاحمت سان ڪيئن مقابلو ڪجي، مسلم ليگي وزير ڀلي زهر اوڳاڇن ته هي انهن ماڻهن جي تحريڪ آهي، جن کي سنڌ جا ماڻهو هڪڙي سيٽ به ناهن ڏيندا، جنهن نموني انهن کي اقتداري ميڊيٽ ملندو آهي ته اهو به جڳ جهان کي خبر آهي پر هي جيڪو روڊن ۽ رستن تي عوامي محبتن جو مينڊيٽ آهي،اهو انهن عقل جي انڌن کي نظر نٿو اچي.

 پيپلز پارٽي جي وزير شرجيل ميمڻ جي اپيل آهي ته ڪينالن خلاف احتجاج ۾ رستا بند نه ٿيڻ گهرجن، ڇا کيس خبر ناهي ته جڏهن پاڻي بند ٿي ويندو، سنڌ سموري ايٿوپيا بڻجي ويندي پوءِ هو ڀاشڻ ڪنهن کي ڏيندو، سنڌ پنهنجي شعور جي نئين منزل جي طرف رواني ٿي چڪي آهي، اهو ڪنهن جي وس ۾ ناهي ته انھي مزاحمت کي ڪير روڪي سگهي،سنڌ ستر سالن جي زيادتين ۽ نا انصافين جي پلاند لاءِ سجاڳ ٿي چڪي آهي، خاص طور تي سنڌ جو نوجوان پنھنجي اجري مستقبل جي لاءِ هڪ هڪاڻي ڪري مست قلندر جو نعرو هڻي ڪا به ساهي پٽڻ جي لاءِ تيار ناهي، معصوم ٻارڙا، عورتون، شاگرد، استاد، اديب، ليکڪ، دانشور، شاعر پورهيت،هاري ناري سماج جو ڪهڙو پرت آهي جيڪو انهيءَ تحريڪ کان لا تعلق هجي، هي تحريڪ سڀني برجن کي اکاڙي اڳتي وڌندي، ڀلي سازشون ڪيون وڃن، گرفتاريون ڪيون وڃن يا اقتداري طاقت جا حربا استعمال ڪيا وڃن، سنڌ پنھنجي وجود جي خلاف ڪا سازش برداشت نه ڪندي، سنڌ جي ستن ڪروڙن مان ڪو به شخص ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هر ڪو ڄاڻي ٿو ته وقتي مفاد قومن جي تباهي جو مقدر بڻجندا آهن، هاڻي ڪم گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي، هاڻي سنڌ اها به ناهي جيڪا هن ملڪ جي قيام کان اڳ چند وڏيرن، جاگيردارن ۽ انگريزن جي دلالن جي هٿ ۾ هئي ۽ اهي جيئن چاهيندا هئا فيصلا ڪري سگهندا هئا، سنڌ هن وقت انهي ڀاڙيي طبقي جي غلامي مان نڪري چڪي آهي، گهر گهر ۾ شعور جي مشعل روشن ٿي چڪي آهي، انهيءَ مشعل جي اتساهه سان سنڌ خوابن جي نئين ڪائنات جو سورج پسڻ لاءِ اڳتي وڌندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.