ٽيڙو
مڌرلوءِ ھلو… ٻٻرلوءِ ھلو…!
مڌرلوءِ ھلو،
سنڌوءَ خاطر ڀائرو،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
ٻيڙا ساري سڀ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
نئون ٿو نپجي نينھُن،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
حق لئه ھوشيار ٿي ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
لُڙڪَ پَگَهرَ ويڙھي،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
ڏيئا لَکَ ٻاري،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
سَڀُ سسئِيُون سنڌ جون،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
سَڀُ سسئِيُون سنڌ جون،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
لَئِه سنڌوءَ ۽ ساھَ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
لَئِه سنڌوءَ ۽ ساھَ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
واڪا ڪندا ووءِ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
شاھَ رسالي سان،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
عزمَ اوچي ڳاٽِ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
امن ويڙھ وڏاندري،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
وڙھُو وڙائچ گڏ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
ڏکيءَ ڀَنَڻَ سان،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
جوکم کڻي جوانڙئو،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
سِنڌوءَ جَلَ جي لاءِ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
ڪلهن ڪوڏارون کڻي،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
"ھَئهِ… ھَئهِ” ڪندا وو ميان ،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
جنھن سان سنڌوءَ آجپو،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
ھِنَ امن جي ويڙھ لَئِه،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
علم و دانش جا ڌڻي،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
سنڌوءَ مان، سنڌ ريج لئه،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
سنڌوءَ بقا جي لئه،
ٻٻرلوءِ ھلو!
مڌرلوءِ ھلو،
آ سنڌو ساھُ پساھُ،
ٻٻرلوءِ ھلو!