ھي مضمون جڏھن اوھان جي اکين آڏو ھوندو ان وقت 28 اپريل تي رٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جنھن کي سي سي آءِ چئون ٿا ان جو اجلاس ٿي چڪو ھوندو. سڄي سنڌ جي آواز جي جواب ۾ ڇا ٿو چيو وڃي ڏسجي. پاڪستان جي پاڻي جي وسيلن تي ٿيل ڏاڍ ۽ تڪراري ڪئنالن بابت سنڌ جي ڳالهه مرڪز ۽ حڪمرانن کي سمجهه ۾ ڪونه پئي اچي۔ پر سنڌ جو ڪيس ۽ عوام جي سماجي تحريڪ سائنسي ۽ آئيني دليلن تي ٻڌل آھي. اھا ڳالهه بنھه چٽي ٿي چڪي آھي ته سنڌو طاس جي نظام ۾ هاڻ ڪو به واڌارو پاڻي موجود ناهي۔
1976–77 کان 2023–24 تائين ڪوٽڙي بئراج کان هيٺان وهندڙ پاڻيءَ جي مڪمل شمارياتي تجزيي (اسٽيٽسٽيڪل انالاسز) مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊگهي عرصي جي سراسري وھڪرن جي بنياد تي اھو ٻڌائڻ ته چولستان لاءِ پاڻي آھي يا اھڙن واھن جي پاڻيءَ جي پاليسي ٺاهڻ سائنسي طور تي غلط ۽ خطرناڪ آهي. ھي عام سائنسي، انجنيئرنگ ۽ تحقيقي ڳالهه فيصلا ڪندڙن کي الاھجي سمجھ ۾ ڇو نه پئي اچي! اڃان ته ماحولياتي عنصر وڌو به ناھي.
اچو ته پوين اٺيتاليھه سالن جي ڪوٽڙي کان ھيٺ ويندڙ وھڪرن کي سائنسي تحقيق جي انداز سان ڏسون۔48 سالن جي انگن اکرن موجب سراسري ساليانو وھڪرو 26.73 ملين ايڪڙ فوٽ رهيو آهي، پر هي سراسري ڪجهه انتهائي وڏن ٻوڏ وارن سالن، جهڙوڪ 1994–95 ۾ 91.86 ملين ايڪڙ فوٽ وھڪري، سبب وڌي ويو آهي.پر ان کي شامل ڪندي به عام سراسري کان اڳتي ھلون ٿا!
حقيقي تصوير حاصل ڪرڻ لاءِ ميڊين( ميڊين اھو انگ آھي جيڪو ڪنھن به انگن جي سيٽ کي/ ھتي دريائي وھڪرن کي وڏي انگ کان کڻي ننڍي مقدار واري انگن کي وڏي کان ننڍي انگ واري ترتيب ۾ رکي؛ ان ۾ وچ واري انگ کي ميڊين چئجي ٿو) وھڪرو ڏسڻ لازمي آهي، جيڪو 20.42 ملين ايڪڙ فوٽ آهي ـــ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڌ کان وڌيڪ سالن ۾ وهڪرو ان سراسري کان گهٽ رهيو آهي!
وھڪري کي ھڪ ٻي معيار سان ڏسڻ ضروري آھي، اھو آھي اسٽينڊرڊ ڊيويئيشن/ معياري ٿيڙ (22 کان 24 ملين ايڪڙ فوٽ) پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته صرف سراسري ڏسي پاليسيون ٺاهڻ تمام خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
جڏهن اسان پنجاھ سالن ۾ ايندڙ پاڻي جي هر ڏهاڪي جي حساب سان جائزو وٺون ٿا ته صورتحال وڌيڪ واضح ٿئي ٿي:
1976–77 کان 1987–88 تائين اوسط وهڪرو 33.69 MAF رهيو،1988–89 کان 1997–98 تائين وڌي 49.72 MAF ٿي ويو،پر 1998 کانپوءِ پاڻي گھٽجڻ شروع ٿيو، ۽ سراسري وهڪرو 13.14، پوءِ 16.65، ۽ هاڻ صرف 14.71 MAF تائين اچي ويو آهي! آخري 25 سالن ۾ سراسري 14، ميڊين 10.5 ايم اي ايف آھي، وري آخري ٽيھن سالن ۾ سراسري 20.23 ۽ ميڊين (وچولو وھڪرو) 14.27 ايم اي ايف آھي. پوين 35 سالن ۾ اھي 23.73 ۽ 15.82 (ميڊين) ۽ وري پوين چاليھن سالن ۾ سراسري 24 ۽ وچولو17.38 ايم اي ايف آھي! 24 تي به چولستان لاءِ پاڻي ڪونه ٿو ٺھي. اسان پنجاب جي 27 واري سراسري سان لاڳاپيل ميڊين 20.23 ايم اي ايف کڻون ٿا ته پوءِ به ناڪاري / ڪاٽو يا کوٽ 1.17 ملين ايڪڙ فوٽ جواب اچي ٿو يعني ڪنھن به صوبي لاءِ واڌو پاڻي ناھي.
سمجھڻ کپي ته پنجاب پنھنجي چولستان واري ڪيس ۾ ستاويھ ايم اي ايف ڪوٽڙي کان ھيٺ ويندڙ پاڻي جو جيڪو سراسري مقدار پنھنجي ڪيس ۾ ورتو آھي سو بلڪل غير سائنسي ۽ غير تحقيقي آھي! پوين پنجويھن سالن ۾ ته اھا سراسري وڃي چوڏھن ملين ايڪڙ فوٽ ٿي آھي.
جيڪڏھن ٻين شمارياتي پئمانن کي ڏسبو ته اسان جو سائنسي دليل وڌيڪ چٽو ثابت ٿئي ٿو. رجحاني تجزيي (Trend Analysis) ذريعي، وھڪرن کي ڏسبو ته اھو پڻ ھيٺاھين ڏانھن ويندڙ آھي ۽ مقدار ۾ گھٽتائي سا به لڳاتار اچي رھي آھي.
اها گراف واري ليڪ پڻ هيٺ وڃي پئي. يعني هر سال پاڻي گهٽجي رهيو آهي. سراسري طؤر اسان هر سال لڳ ڀڳ 0.73 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گھٽجي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن وڏي زرعي علائقي جي ضرورت لاءِ ڪافي آهي! اڃان ويٺا ويچار ڪن ڪئنال ٺاھيندا؛ سنڌ ايئن ڪڏھن ڪونه ڪرڻ ڏيندي ۽ پنھنجي آئيني ۽ تاريخي حق تان ھٿ ڪونه کڻندي۔۽ اهو صرف اندازو ناهي. هڪ سائنسي جاچ (p-value) ثابت ڪري ٿي ته هي گهٽتائي حقيقي آهي، ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي. امڪان اهو ڏيکاري ٿو ته هزار مان فقط هڪ ڀيرو اهڙي گهٽتائي ڪنھن حادثي جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿي. ھتي ته ھٿ وٺي سنڌ لاءِ کوٽ ۽ اڃ پيدا ڪئي وئي آھي.
ھاڻ اچو ته ڏسون ته جيڪو انگ (۲۷) پنجاب ورتو آھي ان جي اچڻ جي پراببلٽي/ امڪان ڪيترو آھي . اھو امڪان صرف 37.5 سيڪڙو آھي۔ جيڪڏھن پوين پنجويھن سالن جي سراسري جي حساب سان پاڻي 27 ايم اي ايف ھُجي؛ اھو امڪان بلڪل گھٽجي ويندو. ان جي سولي معني ته پاڻي آھي ئي ڪونه ته ايندو ڪٿان؟! سنڌو ڊيلٽا، جيڪو ڪڏهن زرخيز ترين ڊيلٽائن مان هو، اڄ سامونڊي چاڙھ، لکين ايڪڙ بنجر ۽ خراب ٿيڻ ۽ لکين ماڻهن جي بي دخلي جي ور چڙهي چڪو آهي.
اهڙي حالت ۾ نئين واهن ۽ ڪئنالن جا منصوبا نه رڳو غلط، پر سنڌوءَ جي بقا لاءِ ڪاري ضرب هوندا۔
جڏهن درياهه پاڻ ساهه وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ته ان مان وڌيڪ پاڻي ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ ڪنھن جي حياتي کسڻ جي برابر آهي.پاڻيءَ جي پاليسين کي هاڻ اصلي، سائنسي شمارياتي تجزيي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، رڳو سراسري انگن اکرن تي نه.ڪو به واڌارو پاڻي ناهي، ڪوبه نئون ڪئنال نه ٺھڻ گهرجي۔ سنڌ جي سائنسي ، آئيني ۽ تاريخي دليل کي رد نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ جمھوريت مستحڪم ٿيندي.