ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) اڳوڻي صوبائي وزير سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته آدمشماري، ٻين معاملن ۽ وسيلن بابت سي سي آئي هيستائين يڪطرفا سنڌ مخالف فيصلا ڪرڻ ۾ بدنام رهي آهي، ڏسڻو پوندو ته ڪهڙن ۽ ڪيترن ڪئنالن جو معاملو سي سي آئي ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڇا ڪئنالن بابت سنڌ جي ڪيس کي ٻيون ڌريون به سپورٽ ڪنديون يا نه؟ ٿيڻ ته ايئن کپي ها ته ڪالھ وزيراعظم سنڌ مخالف ڪئنالن ۽ ارسا جي يڪ طرفا سرٽيفيڪٽ کي رد ڪري لکت ۾ فيصلو ڏئي ها، هيستائين سي سي آئي جو فورم سنڌ بابت تڪراري فيصلا ئي ڪندو رهيو آهي، اهڙو اظهار سسئي پليجو ٺٽو ۾ مختلف هنڌن ماڻهن سان ملاقات ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي سي آئي جي جوڙ جڪ سدائين هڪڙي صوبي يعني پنجاب کي ئي سپورٽ ڪرڻ واري رهي آهي. وقت اچي ويو آهي .
ته سي سي آئي فارميشن کي بدلايو وڃي پيپلز پارٽي کي کپي ته ايوان ۾ ان معاملي تي پيش رفت ڪري.