سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر لڳ ٻٻرلوء ٽول پلازا تيوڪيلن ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۾ گذرڻ تان جهيڙو ٿي پيو پيپلزپارٽي جي اڳواڻ پاران زبردستي گذرڻ دوران وڪيلن پاران اعتراض ڪرڻ تي پوليس اهلڪارن ۽ پرائيويٽ گاڊن پاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي جواب ۾ وڪيلن ۽ قوم پرست ڌرين جي ماڻهن پاران پٿراء شروع ڪيو ويو.
جنهن بعد پيپلزپارٽي جا اڳواڻ فرار ٿي ويا ۽ اطلاع آهن تہ هڪ وڪيل زخمي ٿي پيو آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي .
سکر/خيرپور (رپورٽ:آزاد مهر+ شفيع محمد ابڙو+ مختيار ڦلپوٽو ) درياءِ سنڌ مان ڇھه نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف جاري احتجاجي ڌرڻي ۾ وڪيلنجي قيادت حڪومت کي سخت پيغام ڏئي ڇڏيو. ڪراچي بار ڪائونسل جي صدر عامر وڙائچ ڌرڻي کي خطاب ڪندي واضع ۽ چٽو موقف اختيار ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس يا انتظاميا ڌرڻي جي شرڪت ڪندڙن خلاف ڪنهن به قسم جي بي نظمي يا طاقت استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڄي سنڌ بند ڪئي ويندي..عامر وڙائچ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن رياست طاقت آزمائڻ چاهي ٿي ته آزمائي وٺي پر وڪيل ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي حقن تان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندا. هن چيو ته سنڌو درياءَ مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ دشمني جي انتها آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.هن چيو ته وڪيلن جو احتجاج پرامن آهي، پر ان احتجاج کي دٻائڻ يا طاقت ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو سخت جواب ڏنو ويندو. عامر وڙائچ مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور ڪئنال منصوبي کي واپس وٺي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌي.ڌرڻي ۾ شامل ٻين وڪيلن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن به عامر وڙائچ جي موقف جي مڪمل حمايت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو صورتحال جي سنگيني کي سمجهي ۽ حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائي.واضح رهي ته وڪيل برادري جي طرفان جاري احتجاجي ڌرڻو اٺين ڏينهن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي آهي ۽ مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪارروايون به رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن. ڇهن نون ڪئنالن ڪڍڻ خلاف وڪيلن سميت سنڌ واسين جو قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو اٺين ڏينهن به جاري رهيو. روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي. ڌرڻي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن مان آيل وڪيل برادري، سول سوسائٽي، سياسي، سماجي، قوم پرست جماعتن، ٽريڊ ۽ ليبر يونين جي اڳواڻن سميت معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته سڀني ڌرين پاران وڪيل برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ حڪومت کان ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. وڪيل اڳواڻن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ معزز شهرين چيو ته 1991 جي پاڻي واري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي۔ دريائن ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪڏهن نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي زمين بنجر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو۔ جيستائين حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه ٿي وٺي، تيستائين احتجاج جاري رهندو وڪيلن چيو تہ اسان کي حڪومت نوٽيفڪيشن ڇو ڪونه ٿي ڏئي ھن چيو تہ عوام بيوقوف ناھي جو توھان جي لالي پاپ ۾ خوش ٿي ويندو ھنن چيو ته اسان ھن ڌرڻي مان ڪئنالن رد جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي پوء وينداسين يا اسان جا ھتان لاش نڪرندا پر جيستائين اسان جي سسي ۾ ساھ آھي اسان ڌرڻو نه ڇڏينداسين ھن چيو تہ اسان کي سنڌ حڪومت ھيسائڻ لاءِ ھربا استعمال ڪري رھي آھي پر اسان کيس واضح پيغام پيا ڏيون ته ھي ڌرڻو پاڪستان ٺاھڻ وارن جو آھي ھتي سندن ڪا به چالاڪي مڪاري نه ھلندي ھي لکن جي تعداد ۾ آيل عوام ان ڳالھ جو واضح ثبوت آهي ته عوام توھان مان بيزار ٿي چڪو آهي جنھن جو ثبوت ھن سنڌي قوم جا نعرا آھن پر الائي ڇو ھنن کي ذري برابر به خيال ناھي ته عوام اسان مان بيزار ٿي ويو آھي پر سنڌ حڪومت اقتدار جي بکي ھجڻ ڪري نڪ جي پڪائي ڪري ويٺل آھن ھنن چيو ته اسان سنڌي قوم پيپلزپارٽي کي منھن لڪائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.
. اسان سنڌي قوم جا حوصلا بلند آھن جنھن ڪري جمعي جي ڏينھن لکين ماڻھن قافلن جي ۾ ڌرڻي ۾ شامل ٿيا آھن ۽ پيپلزپارٽي جو بائڪاٽ ڪيو آهي ھن چيو ته ھن وقت سموري قوم متحد آهي جنھن کي متحد ڪرڻ وارو عامر نواز وڙائچ آھي اسان جو ڌرڻو مان حڪمرانن کي اھا خبر پئي ته سنڌي پنھنجي پاڻي خاطر ھڪ قوم ٿي متحد ٿي پيٺل آھن ۽ ھو پنجاب اڳيان ڪڏھن به گوڏا ڪونه کوڙيندا ھنن چيو ته اسان جي متحد ٿيڻ سنڌ توڙي وفاق حڪومت جون متيون منجهائي ڇڏيون آھن ته جن سنڌين کي اسان گذريل اڌ صدي کان غلام بڻائي اھي پنھنجي حقن لاءِ روڊن تي آھن ۽ انھن ھاڻي بيزار ٿي اسان جي نڙي تي لت ڏني جڏھن ته ڌرڻي ۾ ڊاڪٽرن،اديبن،سول سوسائٽي جي اڳواڻن،قوم پرستن،سياسي توڙي سماجي اڳوان وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.