جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) ڪئنالن خلاف جي يو آءِ سنڌ جو اهم ۽ هنگامي اجلاس اڄ 26 اپريل تي سکر ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو منجهند 2 وڳي جامع منزل گاهه سکر ۾ ٿيندو، اجلاس جي صدارت جي يو آءِ سنڌ جو امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪندو، اجلاس ۾ موجوده صورتحال تي غور ۽ سنڌو بچايو، سنڌ بچايو مھم لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويندا، پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ راشد محمود سومرو چيو آهي ته وزيراعظم پاران ڪئنالن جي خاتمي بابت ڏنل بيانن تي ڪابه تسلي نه ملي آهي اسانجو واضح موقف آھي ته جيستائين ڪئنالن جي خاتمي جو حڪومت پاران سرڪاري طور نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو، جدوجهد جاري رهندي، هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ جي تحريڪ هاڻي مزاحمتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ اها جدوجهد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي ويندي، هن اعلان ڪيو ته 26 اپريل تي سکر ۾ هڪ تاريخي احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻو پڻ ٿيندو، جيڪو "سنڌو بچايو، سنڌ بچايو” تحريڪ جو اهم حصو هوندو.