ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذياد علي نوناري سميت 6 پوليس اهلڪار ڏوهارين جي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيا. پوليس اهلڪار انڊس هاءِ وي تي گشت دوران نائچ ڳوٺ ڀرسان ڏوهارين جي فائرنگ جو نشانو بڻيا. حملي ۾ ايس ايڇ او ذياد علي نوناري سميت ارشاد مهرٽو، اسد سولنگي، شاهه غازي، عبدالوهاب جکراڻي ۽ خان محمد جکراڻي زخمي ٿي پيا. زخمين کي پي پي ايڇ آءِ ڪشمور سينٽر آندو ويو، جتي عملو غير حاضر هئڻ سبب بروقت علاج نه ملي سگهيو ۽ اهلڪار تڙپندا رهيا. بعد ۾ زخمين کي سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو. اي ايس پي محمد عاشر سول اسپتال ڪشمور جي ناقص ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪيو.
-
مراد شاهه کي سنڌ کان وڌيڪ پنجاب جي هارين جي ڳڻتي آهي:عظميٰ بخاري
لاهور(م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي ٻن صوبن جي حڪومتن جي اعصابن تي سوار آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته مراد علي شاهه کي سنڌ جي هارين جي گهٽ ۽ پنجاب جي هارين جي وڌيڪ ڳڻتي آهي. پنجاب جي قيادت پنجاب جي هارين جي حقن ۽ ڀلائي جي حفاظت لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ آهي، ۽ هتي جي هارين جو وارث پاڻ پنجاب آهي. عظميٰ بخاري سوال اٿاريو ته، "ڇا سنڌ ۾ ڪو به هاري ناهي؟” هن چيو ته سنڌ ۾ 16 سالن کان پ پ حڪومت آهي پر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه ناهي.
-
سنڌ حڪومت چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال جي مخالفت نه ڪري: بئريسٽر سيف
پشاور(م ڊ) ڪي پي جي اطلاعات واري وزير بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته سنڌ حڪومت چشما رائيٽ بئنڪ ڪئنال جي مخالفت نه ڪري. بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب سان گڏجي پنهنجو ڪيس وڙهڻ گهرجي، باقي چشمه رائٽ بينڪ ڪينال منصوبي کان پاسو ڪري. بئريسٽر محمد علي سيف هڪ بيان ۾ چيو ته هو تجويز ڪيل ڪينالن جي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ چشمه رائٽ بينڪ ڪينال منصوبي کي شامل ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو. چشمه رائٽ بينڪ ڪينال کي فوري طور تي قرارداد مان ڪڍيو وڃي. هن چيو ته هي ڪئنال 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ شامل هو، ٽن صوبن ۾ ڪئنال ٺهيا پر ڪي پي محروم رهيو.