وفاقي سرڪار جي ”ڊبل گيم“ وڏي وزير جي ضمانت ڪير مڃيندو؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)وفاقي سرڪار سنڌ جي عوام سان ”راند“ کيڏڻ لڳي،ڪئنالن وارو مسئلو وفاق لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو،وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ٻن ڏينهن کان سنڌ حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ هو هاڻي هن ڪئنالن خلاف تحريڪ هلائيندڙ اڳواڻن سان به رابطا شروع ڪري ڏنا آهن،سنڌ جو عوام اهڙي ڪنهن به رابطي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،عوام جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪئنال نامنظور باقي ڳالهيون بعد ۾ ٿينديون رهنديون،ساڃاهه وندن جو اهو چوڻ آهي ته اسان پنهنجو درياهه گروي رکي ڳالهيون نٿا ڪرڻ  چاهيون،اسان پنهنجي پاڻي جو سودو ڪري ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهيون،سوداگر ڀلي سودا ڪن پر سنڌ جو عوام ائين ٿيڻ نه ڏيندو،جيڪڏهن ڪنهن سودو ڪيو ته سنڌ جو عوام انهن جي گهرن جو گهيرو ڪندو ٻئي پاسي وڏو وزير چوي ٿو ته ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته ڪئنال نه ٺهندا،پر ڳالهه اها آهي ته هن جي ضمانت کي مڃي ڪير ٿو؟ توهان جي گارنٽي تي سنڌ جو عوام اهو چوڻ بند ڪري ته ڪئنال نه کپي؟توهان جي ضمانت مڃي به وٺجي ته پوءِ ڪئنالن خلاف توهان سنڌ اسيمبلي مان قرارداد ڪيئن منظور ڪرائي؟ توهان گارنٽي پيا ڏيو ته پوءِ بلاول ڀٽو هن گرمي ۾ جلسا ڇو پيو ڪري؟ جلسن لاءِ ڀاڙا،ماني، پاڻي، اسٽيج ۽ ٻيا خرچ ڇو نٿا بچايو؟سنڌ جو ماڻهو توهان جي ضمانتن تي راضي ٿيڻ وارو ناهي،سنڌ جي عوام سان ڊبل گيم ڪري توهان وقت ڪهڙي ڳالهه لاءِ وٺي رهيا آهيو؟پنجاب ۽ سنڌ جي عوام کي آمهون سامهون آڻڻ چاهيو ٿا؟ اهو سنڌ جي پاڻي جو ڪمال آهي جو  ڪيئي سال اڳ هجرت ڪري آيل به سنڌ سان گڏ بيٺو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.