والاريل ڪشمير ۾ 2 پرڏيهي سياحن سميت 28 ڄڻا قتل

سري نگر (م ڊ) والاريل ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 28 سياحن کي قتل ڪري  ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا جن کي مقامي اسپتال نيو ويو. پوليس موجب حملو روڊ کان پري ساوڪ جي ميدان ۾ ٿيو جنهن ۾ 2 يا 3 شڪي ملوث هئا. والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله ايڪس تي بيان ۾ چيو ته هي حملو عام شهرين تي ٿيندڙ حملن کان وڏو آهي. ڄمون ڪشمير پيپلز ڊيموڪريٽ پارٽي جي سربراهه محبوبا مفتي واقعي جي مذمت ڪئي. خابرو ذڙيعن موجب حملي جي ذميواري ڪشمير ريزسسٽنس نالي غير مقبول گروهه سوشل ميڊيا تي قبول ڪئي. پيغام ۾ هنن چيو ته خطي ۾ 85 هزار کان وڌيڪ ٻاهرين ماڻهن کي آباد ڪيو ويو آهي جنهن سان ڊيموگرافڪ تبديلي ٿي رهي آهي، ان جي ڪري غيرقانوني آباد ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙن تي تشدد ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.