ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)مٺي ۾ ڪئنالن خلاف ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو،بلاڪ،ٿرڪول ڏانھن سامان کڻي ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، سنڌو درياهه مان 6 نوان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي لکين ايڪڙ زمين ڦٻائڻ خلاف جسقم آريسر گروپ جي سڏ تي ڦانگاريو اسٽاپ تي ڌرڻو هنيو ويو،جسقم آريسر،جسقم بشير خان،ايس يو پي،ٿر سجاگ سٿ سميت ٻين پاران جسونت راٺوڙ،راجيش راگهاڻي، فيروز، صابر جوڻيجو،ارشاد ڪنڀار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين پاران ڌرڻو ھڻي ٿرڪول روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي،ڌرڻي سبب ٿرڪول ڏانهن ويندڙ مک روڊ بند ٿي ويو سوين ٽرالرن جون قطارون لڳي ويون،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف اسان پرامن احتجاج ڪيو آهي مسافر گاڏين کي آساني سان رستو ڏيون پيا باقي ٿرڪول جون گاڏيون روڪيون آهن،اسان جو ڌرڻو 24 ڪلاڪن تائين جاري رهندو پنجاب سنڌ جو پاڻي بند ڪري ملڪي سالميت کي خطري ۾ وجهڻ چاهي ٿو هوڏانهن ڏهرڪي ۾ مختلف سياسي،قوم پرست، سماجي تنظيمن هندو پنچائت ڏهرڪي،مينگهواڙ پئنچائت،جسقم،ايس ٽي پي،قومي عوامي تحريڪ،سنڌ دانهن فورم،پي ايم اي ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن، استادن،شاگرد،صحافين، واپارين پاران سنڌو درياء تي تڪراري 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف نيشنل ھاءِ وي تي ٽئين ڏينھن به روڊ بند ڪري احتجاج جاري رکيو مظاهرين پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا روڊ رستا بند ڪري پنجاب ڏانهن ويندڙ يوريا کاڌ ڊيزل جا ٽرالر روڪي ڇڏيا روڊ بلاڪ هئڻ سبب ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون هندو پنچائت جي مکي ڊاڪٽر رميش لال رامچنداڻي ،مکي روچل داس نٿاڻي ،سردار جسونت سنگهه، سردار راج سنگھه،عوامي قومي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ محب علي سميجو.جسقم جي سجاد ملڪ ، سنڌ دانھن فورم جي چيئرمين حيدر خان شر ۽ ٻين چيوته وفاق سنڌو دريا مٿان تڪراري ڪينال ڪڍي پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪري سر سبز سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿو ،ٽالپروڏا ۾ ڪئنالن خلاف جسقم بشير خان ضلعي اڳواڻ مير حسن بوزدار جسقم اڳواڻ مير عارف حسين جسقم آريسر اڳواڻ سعيد ٽالپر صنعان ٽالپر ظفر خاصخيلي مير جليل ساگر ٽالپر رياض خاصخيلي اڳواڻي ۾ ننگريجا طرف وڃي ننگريجا چودگي وٽان مهراڻ هائي وي تي ڌرڻو ڪالهه ٽئين ڏينهن به جاري رهيو گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل پنجاب طرف ويندڙ سمورا رستا بند ٿي ويا، ان موقعي تي جسقم آريسر مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا جسقم آريسر ناري تحريڪ جي ڊپٽي آرگنائيزر ڪرن نظاماڻي پڻ شرڪت ڪئي هنن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب اسان جي ساھ تي ننهن رکڻ پي چاهيو اسان پنجاب طرف ويندڙ رستا بند ڪري پنجاب جي نڙي تي لت ڏني آهي جڏهن ته ٽالپروڏا جي ڪاروباري شخصيت اياز قاضي اي ڊي ٽالپر استاد ظفر حسين ٽالپر غوثيه ريسٽورنٽ جي مالڪ محمد نواز راڄپر طرفان صبح جو ناشتو ڏنو ويو جڏهن ته قومپرست اڳواڻن ٽرڪ ڊرائيورن کي پڻ ناشتو ڪرائي مهمان نوازي جو اعلي مثال قائم ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي سانگهڙ ۾ وڪيلن پاران چونڊڪي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب پنجاب کان متبادل رستو وٺي ايندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون