سنڌ سرڪار، پرائيويٽ  اسڪولن ۾ فائر سيفٽي جا حفاظتي قدم لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ ۾ خانگي اسڪولن لاءِ فائر سيفٽي جا حفاظتي قدم لازمي قرار، فائر الارم ۽ دونهين جي سڃاڻپ ڪندڙ اوزار لڳائڻ لازمي هوندو

سنڌ جي تعليم کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب خانگي اسڪولن ۾ فائر ايڪسٽنگوئشرز لڳائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته فائر سيفٽي پروٽوڪول تي فوري عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسڪولن ۾ هنگامي نڪرڻ وارا رستا ۽ ڏاڪڻيون هر وقت کليل رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

اسڪولن ۾ باهه جي صورت ۾ محفوظ نيڪال واري منصوبي ۽ هر منزل جا نقشا نمايان هنڌن تي لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. استادن ۽ غير تدريسي عملي کي فائر سيفٽي ۽ ابتدائي طبي امداد جي تربيت ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي، جڏهن ته خاص ٻارن ۽ ٻين ڪمزور شاگردن کي محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ خاص انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ هنگامي صورتحال دوران گڏ ٿيڻ لاءِ اسيمبلي پوائنٽ مقرر ڪرڻ لازمي هوندو.

فائر سيفٽي جي هدايتن تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته هنگامي صورتحال ۾ ڪليئرنس ملڻ تائين اسڪول ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي.

You might also like