سنڌ حڪومت دعويٰ ناهي ڪندي، ترقياتي ڪم سندس ڪارڪردگي جو اعلان آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته روڊ ۽ گهر تعمير ٿي رهيا آهن، بجلي پيدا ٿي رهي آهي، سنڌ اڳتي وڌي رهي آهي.

ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت رڳو دعوائون نٿي ڪري، پر ترقياتي ڪم ان جي ڪارڪردگي جو ثبوت آهن. مالي سال 2025-26ع ۾ سنڌ جو ترقياتي پروگرام 1018 ارب رپيا رکيو ويو آهي.

هن چيو ته بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام تحت 3642 اسڪيمون شامل آهن، جڏهن ته 5 سالن دوران 5636 ڪلوميٽر روڊن سميت مختلف شعبن جون 1460 اسڪيمون مڪمل ڪيون ويون آهن. سنڌ جي ترقي جو سڀ کان وڏو ثبوت عوام کي ملندڙ سهولتون آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته صحت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي دنيا ساراهي ٿي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهرن جي منصوبي کي هڪ بي مثال قدم قرار ڏنو.

هن چيو ته ٿرڪول منصوبي ذريعي 3240 ميگاواٽ بجلي قومي گرڊ مان عوام کي فراهم ٿي رهي آهي، جڏهن ته 3675 ميل واهن جي لائيننگ جا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. سنڌ پنهنجي وسيلن ذريعي قومي ترقي کي هٿي ڏني آهي.

سينيئر صوبائي وزير چيو ته مخالف ترقي جو حساب گهرن ٿا، اسان انگ اکر پيش ڪريون ٿا. سنڌ جي ترقي ڪنهن هڪ شهر يا طبقي جي ترقي ناهي، پر عوام جي ترقي آهي.

هن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ خدمتن مان سڄي ملڪ جا عوام بنا ڪنهن فرق جي فائدو حاصل ڪن ٿا.

You might also like