بوسنيائي سرب جنرل راتڪو ملاڊچ گڏيل قومن جي حراستي مرڪز ۾ فوت ٿي ويو.
دي هيگ مان خابرو اداري موجب راتڪو ملاڊچ 1992ع کان 1995ع تائين هلندڙ بوسنيا جي جنگ دوران نسل ڪشي جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو هو.
خابرو اداري موجب بوسنيائي سرب جنرل راتڪو ملاڊچ کي 8 هزار مسلمانن جي قتل جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو.
خابرو اداري موجب اڳوڻي بوسنيائي سرب جنرل تي مسلمانن کي علائقي مان زبردستي بي دخل ڪرڻ جي مهم هلائڻ جو به الزام هو.