شهزادو هيري ۽ راڻي ميگهن 6 سالن کانپوءِ آمريڪا مان برطانيا واپس پهچي ويا

برطانوي نشرياتي اداري موجب شهزادو هيري ۽ ميگهن مارڪل پنهنجن ٻارن آرچي ۽ للي بيٽ سان گڏ برطانيا واپس پهچي ويا آهن.

اطلاعن موجب شهزادو هيري، ميگهن ۽ سندن ٻار خانگي اڏام ذريعي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا مان برمنگهم ايئرپورٽ تي پهتا.

شهزادو هيري ۽ ميگهن شاهي خاندان جون سرڪاري ذميواريون ٻيهر انجام نه ڏيندا، پر غير سرڪاري حيثيت ۾ برطانيا ۾ رهائش اختيار ڪندا.

امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جوڙو لنڊن کان ٻاهر ڪوٽس وولڊز واري علائقي ۾ هڪ خانگي رهائشگاهه کي پنهنجو مرڪز بڻائيندو. ٻنهي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل پڻ ڪرايو ويو آهي ۽ نئين تعليمي سال جي شروعات ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته شاهي خاندان سان شديد اختلافن جون خبرون سامهون اچڻ کانپوءِ شهزادو هيري پنهنجي زال ميگهن مارڪل سان گڏ 6 سال اڳ برطانيا ڇڏي آمريڪا منتقل ٿي ويو هو.

صورتحال ايتري خراب ٿي وئي هئي جو هيري پنهنجي والد بادشاهه چارلس، ويڳي ماءُ ڪيميلا ۽ ولي عهد ڀاءُ شهزادي وليم کي به برطانيا ڇڏڻ جي ارادي کان بي خبر رکيو هو.

آمريڪا پهچڻ کانپوءِ شهزادي هيري پنهنجي ڪتاب، انٽرويوز ۽ هڪ شو ۾ به شاهي خاندان تي تنقيد ڪئي هئي. ان وقت جي برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٻئي بيان جاري ڪري واضح ڪيو هو ته جوڙو عوامي خدمتون انجام نه ڏئي سگهندو ۽ ”اڌ هتي، اڌ اتي“ وارو معاملو نه هلندو.

ان سان گڏ شهزادي هيري کي اعزازي فوجي عهدن کان به محروم ڪيو ويو هو.

اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿيو ته آخر ڪهڙي سبب شهزادو هيري واپس وطن آيو آهي ۽ سندس واپسي ۾ ڪنهن جو ڪردار رهيو آهي.

You might also like