ايران لاءِ چين جي اصولي موقف جي ڀليڪار ڪيون ٿا: باقر قاليباف

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته ايران خلاف غيرقانوني پابندين کي رد ڪرڻ بابت چين جي اصولي موقف جي آجيان ڪريون ٿا.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته ايران ۽ چين جي جامع اسٽريٽجڪ ڀائيواري گڏيل احترام، گڏيل مفادن تي ٻڌل سهڪار ۽ گهڻ قطبي دنيا بابت گڏيل سوچ تي قائم آهي.

محمد باقر قاليباف جو چوڻ آهي ته هن لاڳاپي لاءِ ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي.

واضح رهي ته چيني پرڏيهي وزارت ايران خلاف آمريڪي پابندين جي مخالفت ڪندي چيو هو ته ايران سان چين جو سهڪار عالمي قانون موجب آهي.

چيني پرڏيهي وزارت جو چوڻ هو ته چين اهڙين پابندين جي سخت مخالفت ڪري ٿو، جن جو بنياد عالمي قانون يا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ تي نه هجي. اقتصادي جنگ ۽ دٻاءُ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي.

You might also like