پمز سانحو: 14 ٻارڙن جا لاش بنا سڃاڻپ جي وارثن حوالي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال سانحي ۾ فوت ٿيل 14 ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

اربع ڏينهن صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نون ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا هئا.

ريسڪيو ذريعن موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي هئي.

اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 15 ٻار موجود هئا، جن مان رڳو هڪ ٻار کي بچايو ويو هو، جڏهن ته 14 ٻار فوت ٿي ويا.

پمز اسپتال سانحي ۾ فوت ٿيل 14 ٻارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان دوران ڪجهه وارثن احتجاج ڪندي ٻارن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارن جي سڃاڻپ ڪرائڻ کانسواءِ ئي لاش سندن حوالي ڪيا ويا آهن.

You might also like