کٽمنڊ(ويب ڊيسڪ)نيپال ۾ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جو انگ 362 ٿي ويو، جڏهن ته سوين ماڻهو اڃا تائين گم آهن
نيپال جي ضلعي راسووا ۾ گذريل ڏينهن اوچتو آيل ٻوڏ جي تيز وهڪري سبب فوت ٿيلن جو انگ 362 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 500 کان وڌيڪ سياح گم آهن، جن جي ڳولا لاءِ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
نيپال جي سياحتي اختيارين موجب گم ٿيل ماڻهن ۾ 400 کان وڌيڪ پرڏيهي شهري به شامل آهن، جن ۾ 142 ڀارتي، 54 آمريڪي، 34 آسٽريليائي، 33 برطانوي، 24 ڪينيڊين، 17 ملائيشيائي ۽ 53 يوڪريني شهري شامل آهن.
ان کانسواءِ ڏکڻ ڪوريا، ڏکڻ آفريڪا، پرتگال ۽ نيدرلينڊز سان تعلق رکندڙ ڪجهه ماڻهو به گم آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.
ٻئي پاسي چيني سرڪاري ميڊيا موجب تبت جي علائقي گيرونگ ۾ مٽيءَ جا وڏا تودا ڪرڻ کانپوءِ 558 ماڻهو گم آهن، جن ۾ 260 پرڏيهي شهري شامل آهن، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت پڻ ٿيا آهن.
چيني ميڊيا موجب ٻوڏ ۽ مٽيءَ جي تيز وهڪري سبب سرحدي علائقي ۾ گهرن، روڊن ۽ بجليءَ جي منصوبن کي سخت نقصان پهتو آهي.