پنجاب جي هائوسنگ کاتي جي ترجمان موجب سڄي صوبي جي سمورن وڏن سرڪاري اسپتالن جي چوڌاري فائر هائيڊرنٽس ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ 57 سرڪاري اسپتالن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته واسا کي اهم هنڌن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ فائر هائيڊرنٽس ٺاهڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي.
پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن کي خط
ٻئي پاسي پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي.
خط ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ فائر سيفٽي جي قدمن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ويو آهي ته اسپتالن ۾ فائر سيفٽي قانونن، قاعدن، ضابطن ۽ مقرر ڪيل معيارن تي مڪمل عمل يقيني بڻايو وڃي. سمورا اسپتال سهولتن جي انتظام ۽ انفيڪشن ڪنٽرول بابت هدايتن تي به عملدرآمد يقيني بڻائين.
خط موجب فائر فائٽنگ جو سامان، هنگامي نڪرڻ وارن رستن ۽ نقشن، گڏوگڏ عمارت جي فٽنيس سرٽيفڪيٽ جي موجودگي يقيني بڻائي وڃي.
پنجاب ايمرجنسي سروسز ڊپارٽمينٽ کي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ فائر سيفٽي جا معائنا مڪمل ڪرڻ ۽ فائر سيفٽي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ اسپتالن جا تفصيل پنجاب هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ خط ۾ اسپتال انتظاميا کي تربيت يافته عملي جي موجودگي ۽ باقاعده فائر سيفٽي مشقون يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته اربع ڏينهن صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نون ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا هئا.
ان کانسواءِ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پمز اسپتال ۾ باهه کان بچاءَ ۽ انساني جانين جي تحفظ لاءِ انتظام ناڪافي هئا.