پيپلز پارٽي غير جمهوري قوتن سان گڏ آهي:ساجد مهيسر

حيدرآباد / سکر/ ٻٻرلوءِ (پ ر)  عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا اڳواڻ مسلسل پنجين ڏينهن به عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ حنا بلوچ ، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، عبدالسلام سومرو، حميد انقلابي، سنڌياڻي بلوچ، مريم بروهي، شمائلا مشوري، نادرا ميراڻي، شاهد حسين سولنگي، محمد هارون ڪلهوڙو، فهيم سومرو، مجاهد شر جي اڳواڻي ۾ ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ موجود، دادو، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، سکر،  نوشهروفيروز، بدين سميت مختلف ضلعن مان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا ڪارڪنن قافلن جي صورت ۾ ڌرڻي ۾ پهتا،ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا اڳواڻ روزانو ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيندا، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪرڻ تائين پرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي. اڳواڻن چيو ته پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جو پاڻي بند ڪري، انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي پيپلز پارٽي 1971ع وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر غير جمهوري قوتن جو ساٿ ڏئي جمهوريت جو قتل ڪيو آهي. ايس آئي ايف سي جي صورت ۾ بدترين مارشل لا مڙهي وئي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.