ڪراچي ۾ ماڻهوپنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن:ڪاشف شيخ

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته گلشن حديد ۾ ڌاڙيلن هٿان واپاري عالم خان ۽ اورنگي ٽائون ۾ يوسي چيئرمين عامر ڀٽو جو قتل آءِ جي سنڌ پوليس طرفان ”ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي“ واري بيان جي سراسر نفي آهي، صورتحال ان حد تائين وڃي پهتي آهي ته اڄ ڪراچي ۾ ماڻهوپنهنجي گهرن، دڪانن ايسيتائين جو مسجدن ۾ به محفوظ ڪونه آهن جيڪا ڳالهه سنڌ حڪومت ۽ پوليس لاءِ وڏو الميو آهي. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين پورو صوبو ڌاڙيلن جي رحم وڪرم تي آهي، ڪچي جي ڌاڙيلن کي پڪي جي ڌاڙيلن جي مڪمل سرپرستي ۽ سهولتڪاري حاصل آهي. هن چيو ته  ڪراچي شهر ۾ ديانتدار ۽ بهادر پوليس آفيسر مقرر ڪري اسٽريٽ ڪرائم سميت هر قسم جي ڏوهن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، پر سفارشي ڪلچر جي ڪري عوام ڏوهارين جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.