ڪراچي اوڀر (ن ع آ)وڪيل برادري سول سوسائٽي پاران ڪئنالن خلاف شاهنواز شر ڳوٺ کان سچل ڳوٺ مين گيٽ تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو ريلي جي اڳواڻي وڪيل يونس ڀٽو، وڪيل غلام رسول ڏاهري، جاويد ڀٽو عبدالرحمان مارفاڻي، پٺاڻ ٻرڙو، عيدل نانگراج،حريف چانڊيو، شبير راڄپر، نواز سانگي ڪئي احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بئنر کڻي ڪئنال سمورا نامنظور جي شديد نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن سچل ڳوٺ جي مين گيٽ سپارڪو روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته راڻا ثناالله سنڌ دشمن ماڻهو آهي جنهن زباني ڳالهين تي ڪو به اعتبار نه آهي .