تڪراري ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندڙ وڪيل

تڪراري ڪينال رٿا خلاف وڪيلن جي ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ لڳل ڌرڻي کي اڄ ڇهون ڏينھن آھي.ھن ڌرڻي يقينن سنڌ ۾ جاري تحريڪ کي ھڪ نئون موڙ ڏنو آھي.جنھن سان سموري سنڌ جي عوام ۾ ھڪ نئون اتساھ  ۽ جوش پيدا ٿي پيو آھي.سڄي سنڌ ۾  وڏي پيماني تي احتجاجي مظاھرن جو سلسلو جاري آهي.ان کان اڳ ‘سنڌو درياهه بچايو’  مهم هڪ وڏي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪي ھئي. پر وڪيلن کي جس ڏيڻ کان رھي ان ڪري نٿو سگھجي تھ ان ۾ سنڌ ۾ رھندڙ ھر ھڪ انسان خوشي سان ان ۾ شامل ٿي پاڻ ملھايو آھي. سنڌ ۾ عام ماڻھو وٽ جيڪو ڪجھھ آھي ھو اھو آڇي پيو، جنھن مان ماڻھن جي جذبي ۽ ھن نظام سان گڏ نون ڪينالن واري سنڌ سڪائڻ جي تحريڪ جي شدت جو اندازو ٿي رھيو آھي. ھن تحريڪ نھ رڳو عام ماڻھن پر مختلف سياسي قوتن کي هڪ نُڪتي تي متحد ڪري ڇڏيو آهي. نھ رڳو ايترو پر گذريل 16 سالن کان  صوبي تي حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلزپارٽي پاڻ کي پنجاب ۾ بنجر زمين جي آبپاشي جي لاءِ ڇھن ڪينال ٺاھڻ جي  وفاقي حڪومت جي فيصلي کان پاڻ کي الڳ ڪري رھي آھي پر ان سموري معاملي کان پارٽي کي لاتعلق ڪري نٿو سگهجي. سنڌو درياءَ مان پاڻي جي ورڇ سنڌ لاءِ سياسي طور تي هڪ حساس مسئلو رهيو آهي، پر تازي تڪرار صوبي جي صورتحال کي سنگين موڙ ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌي قوم پرست تحريڪن لاءِ هڪ طاقتور جواز فراھم ڪيو آهي جيڪي صوبي جي سياسي منظرنامي ۾ پيپلز پارٽي جي غلبي جي ڪري عرصي کان سرگرم تھ ھيون پر انھن کي گھربل عوامي پذيرائي نھ ملڻ جي طعنا ڏنا ويندا ھئا.

وڪلين سومر واري ڏينھن شام جو تحريڪ کي وڌائڻ جو اعلان ڪندي، سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين ۾ حصو نھ وٺڻ، سنڌ جي مختلف ھنڌن تي وڌيڪ ڌرڻا ھڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي.اپريل جي مھيني ۾ وقت کان اڳ پوندڙ گرمي نھ رڳو ماحولياتي تپش وڌائي ڇڏي آھي پر سنڌ ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي ڇتي گرمي ۾ هزارين ماڻهو، نوجوان ۽ عورتون شرڪت ڪري رھيون آھن. ڪيتريون ئي مرڪزي ڌارا جون سياسي جماعتون  ۽ سول سوسائٽي جا ميمبر پڻ سراپا احتجاج  آهن، جنھن بابت انهن جو خيال آهي ته وفاقي اتحاد کي نقصان پهچندو.وڪيلن جي ھن رٿا خلاف جاري ڌرڻن سڄي سنڌ صوبي کي يڪجا ڪيو آھي.جيڪڏھن چئجي تھ وڪيلن جي ھمٿ ۽ جرئت کانپوءِ  ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي جاري ڌرڻو بلڪل ھڪ ميلي جو ڏيک ڏئي رھيو آھي، جتي جي حاضري ۽ مزاحمت ۾ شامل ٿيڻ کي ھر سنڌي ماڻھو پنھنجي لاءِ خوش قسمتي جو باعث محسوس ڪري رھيو آھي.ھن تحريڪ دوران مقامي ماڻھن پنھنجي ھڙان وڙان احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ جيڪو ڪجھھ ڪري رھيا آھن ان جو شايد ئي ڪو مثال ملندو ھجي.سنڌ جي ماڻھن پنھنجي دلين ۽ گھرن جا در کولي ڇڏيا آھن. احتجاج شروع ٿيندي ڪيترا ئي مهينا گذري چڪا آهن، پر  زندگيءَ کي سڌي ريت متاثر ڪندڙ هن رٿا بابت تاحال سست سرڪار ڪا چٽي پاليسي سامھون نھ آندي آھي.جنھن ڪري ٻين صوبن جيان سنڌ جي ماڻھن جو پڻ وفاق ۽ پنجاب تان ويساھ کڄي رھيو آھي.حڪومت جي اھڙي روش اڳي ئي خدشن جي شڪار سنڌ لاءِ بابت ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن.

سياسي ڌرين سان گڏ ھن وقت وڪيل برادري سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ جمهوري ۽ آئيني طريقا اختيار ڪري رھي آھي.جيڪڏھن وفاق ۽ اسلام آباد جي ھاءِ برڊ حڪومت پاڻ ئي پنھنجي طور تي وفاق ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ وڇوٽين کي جنم ڏئي رھي آھي.هي هڪ سنگين مسئلو ھوندي ان ڏانھن  جنھن ٻڏتر واري رويي جو مظاھرو ڪيو پيو وڃي ان سان رھندو ئي سنڌ جي ماڻھن جو وفاق تان اعتبار ختم ٿي رھيو آھي.

جيڪڏھن ڪو رڳو ھن تحريڪ ۾ لڳندڙ نعرن تي ٿورو غور ڪري تھ ان مان اھو نتيجو ڪڍڻ ڏکيو نھ ھوندو تھ سنڌ جي اندر مان ڪھڙو آواز اڀري رھيو آھي.”وفاق توسان جھيڙو آھي“ ۽”پنجاب توسان جھيڙو آھي“ ھن وقت تحريڪ جا اھم نعرا آھن.جنھن جو اھو مطلب آھي سنڌ جي ماڻھن کي وفاق جي ھن وقت رائج ۽ ھلندڙ ڍانچي ۽ ان ۾ اختيارن جي ڪيل ورڇ، ان مٿان وري ڪجھھ غير جمھوري قوتن جو دٻاءَ رھڻ، سنڌ کي منظور نھ آھي.

جيتوڻيڪ پنجاب يا وفاق ۾ شامل مسلم ليگ ن  سان تعلق رکندڙ وزيرن مشيرن جي ٻوليءَ ۽ انھن جي انداز مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ اھي ھن تحريڪ کي نظرانداز ڪندي انھن کي  قومپرستن جي کاتي ۾ وجھي ان تي تنقيد جا تير وسائي رھيا آھن.جنھن جو مقصد اصل مسئلي تي ڳالھائڻ کان لنوائڻ آھي.ان ھوندي بھ جيڪڏھن ڪيترن ئي مھينن کان سنڌ ۾ جاري ھن تحريڪ جو اڻ ڌريو جائزو ورتو وڃي تھ اھو ثابت ٿيندو تھ جنھن کي وفاق ۽ پنجاب جا وزير ”شرپسند“ ۽ ” نام نھاد قومپرست“ سڏين پيا. انھن جي ان سموري عرصي دوران جاري تحريڪ ۾ڪنھن ڪنھن کي  ھڪ پٿر بھ اڇلائي نھ ھنيو آھي. سنڌي ماڻھن ۽ سنڌ جا قوم پرست  وفاق اندر رھندي رڳو پنھنجا حق ئي تھ گھري رھيا آھن.بيان  سخت ٿي سگھن ٿا.ڇاڪاڻ جو رٿا  بابت عوام جا خدشا بي بنياد نه آهن. انهن خدشن کي حل ڪرڻ جي اصل ذميواري وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي لاڳو ٿئي ٿي. سنڌ جي ماڻهن ۾ گهرا خدشا ۽ ڪاوڙ موجود آھي، جنھن کي ٻڌڻ گهرجي.

اھو درست آھي تھ پاڻي جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ جامع آئيني طريقو موجود آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. انڪري ئي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت تي 1991ع جي پاڻي  ورڇ واري معاهدي تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳائي ٿي.ڪينال رٿا  خلاف  وڌندڙ عوامي احتجاج، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت  وچ ۾ بي اعتمادي کي ظاهر ڪن ٿا. ان سان انتها پسند قوتون يقيني طور تي مضبوط ٿينديون.وڪيلن کي سموري سنڌ جس ڏيڻ کان نٿي رھي سگھي، سنڌ جو ڪيس ھن وقت مضبوط ۽ دليلن سان وڙھندڙ ڪاري ڪوٽ وارن جي ھٿن ۾ آھي.وفاقي سرڪار انھن کي ئي ٻڌي ۽ ان جو ڪو قانوني ۽ آئيني حل ڪڍي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.