سنڌ پاڻيءَ جي سخت کوٽ جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ به سنڌو درياهه مان پاڻي پنجاب ڏانهن وھائي سنڌ کي مڪمل طور تي بنجر بڻائڻ واري منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي. تونسا، پنجند لنڪ ڪينال مان روزانو 3 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهائي، پنجاب جي علائقن جهلم ۽ چناب ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. جتي پاڻي جي ايتري کوٽ بلڪل ئي ناهي، جيتري سنڌ ۾ آهي.
هي فيصلا ان وقت ٿي رهيا آهن، جڏهن پاڻي ورهائڻ وارو وفاقي ادارو ارسا خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ چيئرمين صاحبزادو محمد شبير جي هٿ ۾ آهي، جيڪو سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي خاموش آهي، يا سڌي طرح پنجاب جي حق ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.جيڪو پنھنجي جاءِ تي هڪ وڏو سوال آهي ته ڇا ارسا جي چيئرمين کي سنڌ سان دشمني آھي ؟ جڏهن ته ھو آھي ته خبير پختونخوا جو، پر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪري صوبن سان انصاف ڪرڻ بدران رڳو پنجاب جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
هزارين ورهين کان سنڌ جو وجود سنڌ جي سڃاڻپ سنڌو ندي ئي آھي جنھن جي ڪري ئي سنڌ ساهه کڻي رهي آهي. هي ندي نه رڳو پاڻيءَ جو ذريعو آهي، پر اهو سنڌ جي زرعي معيشت، ثقافت، تاريخ ۽ ماڻهن جي حياتيءَ سان سڌو تعلق رکي ٿي. سنڌ جي زراعت، جيڪا 70 سيڪڙو آباديءَ کي روزگار ڏئي ٿي، سا سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ٻڌل آهي. سنڌو درياهه کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيو ڪوئي پاڻيءَ جو وسيلو ڪونھي، هي ندي سنڌ جي ماڻهن لاءِ روزگار، خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي، مال داري ۽ واپار جو واحد وسيلو آهي. جيڪڏهن سنڌو درياهه مان پاڻي روڪيو ويو ته، نه رڳو فصل ختم ٿيندا، پر سنڌ جي سڄي معيشت زمين بوس ٿي ويندي.ايئن کڻي چئجي ته الله نه ڪري سموري سنڌ تباھ ٿي موئن جو دڙو بڻجي ويندي.
پاڪستان جي صوبن جي وچ ۾ پاڻي ورهائڻ لاءِ 1991ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن مطابق ھر صوبي سميت سنڌ کي 48.76 ملين ايڪڙ فٽ (MAF) پاڻي هر سال ملڻ گهرجي پر ، سال 2021ع جي اونهاري ۾ سنڌ کي پنهنجي حصي کان 35 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو، جنهن سبب سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي هيٺاهين علائقن ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي. سال 2022ع ۾ به سنڌ کي 20-25 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو، جڏهن ته پنجاب طرف اضافي وهڪرو جاري رهيو.انهن انگن مان ظاهر آهي ته ارسا طرفان پاڻي ورهائڻ واري پاليسي شفاف ناهي ۽ گهڻو ڪري پنجاب جي حمايت ڪري ٿو ، تونسا، پنجند لنڪ ڪينال، بند هجڻ کپن پر اھو رستو، کليل آهي
تونسا، پنجند لنڪ ڪينال اهڙو رستو آهي جيڪو خاص حالتن ۾، صرف جڏهن سسٽم ۾ اضافي پاڻي هجي ته پوءِ ئي کولڻ گهرجي. پر اڄڪلهه جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ آهي، ان وقت به اهو ڪينال کليل آهي، ۽ ان مان پنجاب جي زمينن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي. پاڻيءَ جي شديد کوٽ سنڌ جي هيٺاهين علائقن، جهڙوڪ بدين ، ٿر ، سجاول، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي. فصل سڪي رهيا آهن، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ۽ جانور پاڻيءَ نه ملڻ سبب اڃ وگهي مرڻ لڳا آھن .
پيپلز پارٽي، جيڪا سنڌ ۾ مسلسل حڪومت ڪري رهي آهي، ان جو به عمل ڪمزور رهيو آهي. ڪجهه احتجاج، پريس ڪانفرنسون يا قراردادون ته منظور ٿيون، پر نتيجا سامهون نه آيا. سنڌ جو پاڻيءَ وارو مسئلو صرف سياسي ڳالهين سان نه، پر سخت قانوني ۽ آئيني موقف سان حل ٿي سگهي ٿو، جيڪو بدقسمتيءَ سان نظر نه آيو آهي. جيڪڏھن ايئن ئي پاڻيءَ جي کوٽ رھي ته سنئون سڌو اثر زراعت تي پوندو. ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه، ڀاڄيون، سڀ ڪجهه پاڻيءَ تي ٻڌل آهن. کوٽ سان فصل پوکڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن ٿي ويندو ۽ پيئڻ جو پاڻي ناياب ٿي ويندو، ماڻھو، يا جاندار ڍڪ ،ڍڪ پاڻي لاءِ ترسندا، ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ ڪربلا بڻجي ويندي.
جيڪڏھن قديم مصر جي زوال کي تاريخي حوالي سان ڏسنداسين ته نيل نديءَ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو اهم ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي، تقريباً 4,200 سال اڳ، هڪ وڏو ڏڪار آيو، جنهن کي "4.2 ڪيلو سال بي پي واقعي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ڏڪار نيل نديءَ جي سالياني وهڪرن کي سخت متاثر ڪيو، جنهن سبب زرعي پيداوار گهٽجي وئي، بک ۽ سياسي بيچيني وڌي، ۽ آخرڪار قديم مصر جي پراڻي بادشاهي جو زوال آيو.
اڄ سنڌ به ساڳئي خطري ۾ آهي. جيڪڏهن سنڌو نديءَ مان پاڻي بند ٿيو ته سنڌ جي زمينن سان گڏوگڏ ماڻهن جي زندگي به ختم ٿيڻ لڳندي.پر تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سنڌ تي ڪاھون ٿيون، ڌاڙا لڳا تڏھن سنڌين ھڪ آواز بڻجي انھن کي پنھنجي ڌرتيءَ جو بچاءُ ڪيو. هاڻ سنڌ جو شعور نئين سج سان اڀريو آهي، خاص طور تي سنڌ جا وڪيل، جن ڌرتيءَ جو ڪيس پنهنجي هٿن ۾ کنيو آهي. ٻٻر لوءِ تي پنجاب ويندڙ رستي تي ڌرڻو هنيو ويو، ساڻس حمايت لاءِ سڄي سنڌ مان قافلا ٻٻرلوءِ پهچي رهيا آهن ۽ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي هاري، شاعر، استاد، وڪيل، نوجوان ۽ نياڻيون، سڀئي درياهه تي ڌاڙي خلاف احتجاج ۾ گڏ ٿي بيٺا آهن.
جيڪڏهن وفاق پرامن احتجاج جي باوجود به ڪئنالن جو ڪم نه روڪيو ته پوءِ هي رڳو احتجاج نه رهندو، هي جنگ جو روپ ڌاري وٺندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ واسين جو عشق هاڻ جذبات نه، پر دليلن، قانونن ۽ حقن جي جنگ بڻجي چڪو آهي. هي صدائون هاڻ هوائن تائين محدود نه رهنديون، پر عدالتن، اسيمبلين ۽ عالمي فورمن تائين پهچنديون. سنجيدگي، قرباني ۽ شعور سان ڀريل هي تحريڪ سنڌ جي جاڳرتا جو نئون داستان لکي رهي آهي.