سنڌو درياهه تي ڇھن ڪينالن جي تعمير جو مسئلو

قاسم آباد حيدرآباد جي وڏي وسندي واري ڪالوني فراز ولاز فيز 3 واڌو واھ ۾ ڳچ وقت کان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سپلاءِ جو مسئلو اڃان حل نه ٿيڻ سبب رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آھي.! خبرناهي ڪهڙي سببن جي ڪري واسا پاڻي جي سپلاءِ بند ڇو ڪئي وئي آھي؟

اھڙي قسم جي شڪايت واسطيدار اداري جي آفيس ۾ داخل ٿيل آهي جن جي چوڻ موجب "مسئلو جلد ڪيو ويندو”….. پر اڃان تائين تقريبن 3 مهينا گذري ويا آھن جو ھن ڪالوني ۾ واسا اداري جو پاڻي سپلاءِ نه ٿي سگهيو آهي.

رمضان شريف ۾ به پاڻي سپلاءِ ڪرڻ جا آسرا ڏيندا رهيا پر پاڻي نه مليو. ان حوالي سان اختيارين خاص طور ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر، ميئر حيدرآباد جي سميت واسا اداري جي عملدارن  کي اپيل ڪجي ٿي ته،  فراز ولاز فيز 3 جي ڪالوني ۾ پاڻي جي سپلاءِ جاري ڪري رھواسين جي پريشانين جو خاتمو آدندو وڃي.

 

منظور حسين ڪالرو/قاسم آباد

سنڌو درياهه تي ڇھن نون ڪينالن جي تعمير سنڌ لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي. اهي ڪينال ٻين صوبن جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي.ان منصوبن سان سنڌو درياهه جو وهڪرو سخت متاثر ٿيندو، جنهن جو سڌو اثر سنڌ جي زراعت، ماحوليات، ۽ عوام جي زندگي تي پوندو. سنڌ جا آبادگار، ماهيگير، ۽ عام ماڻهو اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سبب پريشان آهن، ۽ ويتر ڇھن نون ڪينالن جي تعمير هن بحران کي وڌيڪ شديد بڻائيندي.

سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حلقن پاران هن منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي پئي وڃي ۽ مطالبو ڪيو پيو وڃي ته سنڌو درياهه جي وهڪري، پاڻي جي ورڇ ۽ سنڌ جي حقن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي.

مختيار علي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.