تازو وڇڙي ويل پوپ فرانسس جي زندگيءَ جا ڪجهه پاسا

اڄوڪي دنيا جي ھڪ وڏي ماڻھو تازو ھن دنيا مان ڪوچ ڪيو آھي.ھورومن ڪيٿولڪ چرچ جو پهريون لاطيني آمريڪي اڳواڻ ھو.کيس دنيا پوپ فرانسس جي نالي سان سڃاڻيندي ھئي.پاڻ21 اپريل تي 88 سالن جي عمر ۾ پرلوڪ پڌاري ويو.پوپ فرانسس جو پورو نالو ھوري ھي ماريو برگوگليو ھو. ارجنٽائن ۾ پيدا ٿيو هو. هن 12 سالن تائين هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي چرچ جي اڳواڻي ڪئي.ڪنھن وقت ۾ ھو ارجنٽائن جي راڄڌاني بيونس آئرس ۾ نپيو ،وڏو ٿيو. اپلائيڊ ڪيمسٽري ۾ ڊپلوما ڪرڻ بعد ھن سيڪنڊري اسڪول ڇڏي ڏنو ۽ دينيات ۾ ڊگري ورتي ۽ پوءِ ادب ۽ نفسيات پڙهائڻ لڳو.

2010  ۾  ڏنل هڪ انٽرويو موجب، 13 سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ کيس نوڪري ڪرڻ لاءِ چيو ۽ هڪ هوزري فيڪٽري ۾  خاڪروب جي ملازمت جو انتظام ڪيو.ڪجهه سالن کان پوءِ، روم جي هڪ چرچ ۾ تقرير ڪندي، هن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو جڏهن هن انڪشاف ڪيو ته هن فرش صاف ڪرڻ کان علاوه هڪ نائيٽ ڪلب ۾ باؤنسر طور پڻ ڪم ڪيو هو.نھ رڳو اھو پر ھن فوڊ پروسيسنگ فيڪٽري ۾ پڻ ڪم ڪيو هو.پوپ فرانسس پنهنجي موت تائين بيونس آئرس جي مقامي فٽبال ٽيم، سان لورينزو ڊي الماگرو جو پرستار رهيو.

هو ننڍپڻ کان ئي ان ٽيم جو حامي هو. 2014 ۾، جڏهن سان لورينزو پنھنجي 106 تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ڏکڻ آمريڪا جوسڀ کان وڏو ۽ اھم فوٽبال مقابلو  ڪوپا ليبرٽادورس کٽيو، فتح کان پوءِ  پڇيو ويو ته ڇا سندس حمايتي فٽبال ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ ھو  "مان ان تي گهڻو خوش آهيان، پر اهو ڪو معجزو ناهي.“پوپ فرانسس،پوپ جي عهدي  تي ھوندي ڪيترن ئي عظيم فٽبال رانديگرن سان پڻ ملاقات ڪئي، جن ۾ ليونل ميسي ۽ ڊياگو ميراڊونا، گڏوگڏ سوئيڊش اسٽار زلاتن ابراهيموچ ۽ اطالوي گول ڪيپر جين لوئيجي بفون شامل آهن.ايسٽر سومر تي شيڊول ڪيل چار اعليٰ سطحي اطالوي فٽبال اي ليول ميچ پوپ جي موت جي اعلان کان پوءِ ملتوي ڪيا ويا.

پوپ فرانسس هميشه پنهنجي سادگي ۽ خدمت جي جذبي سبب مشهور رهيو آهي. سفر لاءِ تمام سادي سواري  استعمال ڪندو ھو.پوپ چونڊجڻ کان پوءِ، هو ڪارڊينلز جي هڪ گروپ سان گڏ بس ۾ سوار ٿي گهر ويو ۽ پنھنجي لاءِ مختص ڪيل ليموزين استعمال نھ ڪئي.پوپ بڻجڻ کان اڳ، هو بيونس آئرس ۾ سادي زندگي گھاري، ڪارڊينل ۽ آرچ بشپ ٿيو.ان ھوندي ھو  اڪثر بسن ۽ ٽرين ۾ سفر ڪيو ۽ جڏهن اتان کان ويٽيڪن ڏانهن سفر ڪندو ھو ،اڪثر اڪانومي ڪلاس جي اڏام کي  ترجيح ڏيندو ھو.پوپ جي حيثيت سان ھن لگزري ڪارن کي رد  ڪيو  معمولي ڪارن يا گاڏين ۾ سفر ڪيو. اڪثر دوري وقت ملاقات ڪندڙ کي  ‘پوپ موبائيل’ استعمال ڪندي کيڪاريندو ھو.پر ھو پنهنجي ۽ وفادارن جي وچ ۾ بلٽ پروف شيشي گاڏين جو خواھش مند نھ ھو.پوپ فرانسس  ڪچھري ڪندي کل ڀوڳ ڪرڻ ۽ ماڻهن کي کلائڻ لاءِ مشهور هو.

2024  ۾  هن ويٽيڪن ۾ 15 ملڪن جي 100 کان وڌيڪ مزاحيه فنڪارن جي ميزباني ڪئي، جن ۾ جمي فالن، ڪرس راڪ، ۽ هوپي گولڊبرگ شامل آهن.انھن سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ  هو 40 سالن کان روز  دعا گهرندو آهي تھ: ‘منهنجا رب، مون کي مزاح جو سٺو احساس ڏئي.’اھو ٿامس مور جي دعا جو حصو آهي، جنهن کي 16 صدي ۾ انگريز بادشاهه هينري VIII جي حڪم تي  غداري جي الزام ۾ ڦاھي ڏني وئي هئي ۽ بعد ۾ ڪيٿولڪ چرچ طرفان کيس ”سينٽ“  تسليم ڪيو ويو هو.

2018 ۾  پوپ فرانسس انٽرنيٽ کي ‘خدا جو تحفو’ سڏيو پر ساڳئي وقت  اھو بھ چيو ته اها ‘وڏي ذميواري’ جو مطالبو ڪري ٿي.سندس پيشرو پوپ بينيڊڪٽ XVI، 2012 ۾ پوپ ٽوئيٽر (هاڻي X) اڪائونٽ ٺاهيو. پر پوپ فرانسس جي دور ۾ سندس فالوورز ۾ گهڻو اضافو ٿيو ۽ سندس اڪائونٽ جا اٽڪل پنج ڪروڙ فالورز  آهن.

پوپ جي اڪائونٽ تان،9  ٻولين ۾ پوسٽ ڪئي ويندي ھئي،جنھن ۾ انگريزي، اسپيني، اطالوي، پرتگالي، پولش، فرينچ، جرمني، عربي ۽ لاطيني شامل آهن.سندن پوسٽون تفريح جو سبب بڻيون ھيون.

ايڪس تي سندس آخري پوسٽ سندس وفات کان هڪ ڏينهن اڳ ايسٽر آچر تي ڪئي وئي هئي. پيغام ۾ لکيل هو: ‘مسيح جيئرو ٿي اٿيو آهي!’ اهي لفظ اسان جي وجود کي پوري معنيٰ ۾ سمائي ڇڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان موت لاءِ نه پر زندگي لاءِ پيدا ڪيا ويا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.