ڪئنال مخالف تحريڪ، پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ وڌندڙ اختلاف

تحرير:رياض ابڙو 

 هڪ پاسي باھ آ ته ٻئي پاسي پاڻي، جو ٻڏي مرجي يا سڙي مرجي؟ ان ڪري سوال اهو آهي ته هاڻي جون سياسي پارٽيون خاص طور تي پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ ڇا ڪن؟، ڇو ته سموري سول سوسائٽي، وڪيلن جا جٿا، مذهبي فورم، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ احتجاجن جا دائرا رستا روڪ ڪيون ويٺا آهن، ڪراچي جي لساني جماعتن جي غيرت به جاڳي پئي آهي، اهي جيڪي پهرين رڳو سمجهندا هيا ته ڪراچي ۽ صوبي جي ٻين شهرن جا مسئلا الڳ الڳ آهن،

 پيپلزپارٽي جا پنهنجا مفاد آهن، اهي سدائين وانگي اقتدار جا قائل رهيا آهن، انهن وزيرن جو ڪرسي کان سوا گذارو ناهي، ان ڪري مخلوط ئي سهي، پر نون ليگ جهڙي پراڻي روايتي حريف سان ملي به هي پنهنجي سرڪار جوڙي ويا ۽ ان آسري تي به آهن ته من نه من شهبازشريف جي سرڪار ۾ اندران ڪو ڏڦوڙ پئي ۽ هي (پيپلزپارٽي) وارا ان ڏڦوڙ جو فائدو وٺن. ڪينالن جي معاملي تي عسڪري شخص کڻي خوار ٿي به ويا آهن، جن زميني بک پيپلزپارٽي کڻي صدارتي آرڊيننس جي ذريعي ظاهر يا پوري ڪئي. اها ڳالهه به ان ڳالهه جي مترادف ٿي بيهي ته جيئن پي ٽي آءِ وارن عسڪري ادارن جي سياسي مداخلت کي اگهاڙو ڪيو هيو، تيئن پيپلزپارٽي جي صدارتي ڪرسي پنهنجي دفاع ۾ بند ڪمرن ۾ اهو سودو ڪري ويٺي. پيپلزپارٽي جي قيادت کي ان ڳالهه جي ڀلي ڀَتِ خبر هئي، ته فوج جيڪڏهن زور جي ميندي هنئي به ته عوامي طاقت ان ڳالهه جا رخ موڙي ڇڏيندي، ان ڪري ته عسڪري ادارا عوام جي مرضي جي خلاف نه ٿا هلي سگهن. بين الاقوامي پريشر پنهنجي جاءِ تي وري ديسي عوامي پريشر به معني ٿا رکن ته هڪ صوبي ۾ ”گرين انيشيئيٽو“ ۽ ٻئي صوبي ۾ ”ڊراءِ انيشيئيٽو“ نه ٿو هلائي سگهجي يا غريب عوام سان ڏاڍائي نه ٿي ڪري سگهجي.

 مرڪزي حڪومت جو وڏو حصو کڻي نون ليگ جي کيسي ۾ آهي پر پيپلزپارٽي جي بڪيٽ ۾ به ٻن صوبن جا گورنر ۽ ٻه صوبائي حڪومتون به آهن، هڪ سنڌ ۽ ٻيو بلوچستان، پر پوءِ به نون ليگ جي سرڪار پيپلزپارٽي جي ووٽن تي ئي بيٺل آهي، توڻي جو مرڪزي فيصلن ۾ نون ليگ جي حيثيت ۽ زور گهڻو رهندو آيو آهي. هاڻي به نون ليگ لوڏن ۾ اچي سگهي ٿي، يا عسڪري ادارا ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، يا پي ٽي آءِ جي ڳوٽَ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، جيڪا ڪايا پلٽائي سگهي ٿي، اها ڳالهه به مڃي سگهجي ٿي ته ڪينالن جي قراداد پيش ڪرڻ تي پيپلزپارٽي ڌر ٿي سگهي ٿي، پوءِ نون ليگ جا ٻه به ويندا ته ٻارنهن به ويندا. يا سودو ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪينالن جي هوڏ ۽ انا تان نون ليگ پنجاب جي صوبائي سرڪار ۽ انهن جي بي مقصد بيانن کي قابو ڪري ۽ وچٿري پاليسي هلي ته جيئن نانگ به مري ته لٺ به بچي معني ڪينالن جي ڳالهه تان لهي وڃجي ۽ سرڪار به بچائي هلجي.

 حقيقت ۾ ڏسجي ته پي ٽي آءِ ۽ نون جي ڳٺ جوڙ هلي پئي سگهي، پر اسٽبلشمينٽ سان هلايل دشمني ۽ اندر جي ٻيائي، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي بيان بازي ۽ عسڪري ادارن سان دشمني پي ٽي آءِ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي اڳتي آيون، پر هاڻي جي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي ٻه واٽي تي اچي بيٺي آهي، ان ڪري ڪينالن جي مخالفت پيپلزپارٽي کي جياري سگهي ٿي ۽ نئون ساھ وجهي سگهي ٿي، ان ڪري پيپلزپارٽي جو سنڌ ڪارڊ هاڻي رڳو ڪينالن ۽ سنڌوءَ جي بقا تي بيٺل آهي، ته سنڌوءَ جو پيٽ سُڪائي پيپلزپارٽي پاڻ به سُڪي سَڙي ويندي ۽ هي دفعو ئي اٿن ته هو فورن وفاقي حڪومت کان ان ڳالهه تي الڳ ٿي وڃن ته ڪينالن جو منصوبو نامنظور آ. پي ٽي آءِ اينٽي اسٽبلشمينٽ يا اينٽي عسڪري مهم جو حصو ئي صحيح، پر اهي اصولي سياست جا قائل رهيا آهن، انهن ۾ جهڪاءُ يا معافي تلافي ناهي، اهي پاڻ پنهنجي دور ۾ اينٽي پيپلزپارٽي هجڻ جي ڪري پاڻ به ڪنهن صورت سنڌ جي حقن لاءِ اٿي کڙا ڪو نه ٿيندا هيا، ڇو جو اهي سمجهندا هيا ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پيپلزپارٽي جا آهن، ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ زرداري ٽولو سنڌ جي بقا جي جنگ پاڻ وڙهي، پاڻ ڪرپشن جي ڪيسن مان جان آجي ڪرائي، فيبريڪيشن يا اليڪشن انجينئرنگ جو حصو پاڻ بڻجي ته ڀلي بڻجي، پر اهي پي ٽي آءِ وارا هاڻي بند ڪمرن ۾ فيصلا نه ٿا ڪرائي سگهن.

 هيل تائين نون ليگ جي فيصلن ۾ يا پارلياماني سياست ۾ رهي پيپلزپارٽي پاڻ اسٽيبلشمينٽ دٻاءَ ۾ آهي، اهي پيپلزپارٽي وارا پاڻ عمران خان جي دور وانگي هاڻي نون ليگ جي ها ۾ ها ملايون ويٺا آهن، ان جو باطني مطلب اهو به آهي ته پيپلزپارٽي پاڻ عسڪري ادارن ۽ شخصن سان ها ۾ ها ملائي ٿي ويهي ۽ جيڪي فيصلا نون ليگ ڪري ٿي، ان ۾ پيپلزپارٽي پاڻ به راضي آهي. ائين نه ٿو چئي سگهجي ته سائين مراد شاھ جا فيصلا صدارتي آفيس جي ضد ۾ يا ابتر آهن، يا صدر صاحب جي فيصلن ۾ سنڌ سرڪار پاڻ شامل آهي يا ناهي، يا اهي جيڪي مرڪز ۾ فيصلا ڪن ٿا يا ٿين ٿا، انهن ۾ سنڌ سرڪار کي کڻڪ ئي نه ٿي پئي. مهڙ ۾ پاڻ شاھ صاحب انڪاري هيو پر جڏهن ته سوشل ميڊيا تي باھ ٻري پري پئي ۽ شاھ صاحب ان ڳالهه جو پوءِ به انڪاري ٿيو، پر هاڻي ته پيپلزپارٽي جي خلاف ايم آر ڊي تحريڪن جهڙي باھ ٻري پئي آهي، جو مرڪز ۽ عسڪري قيادت ڄڻ جنرل ضياءَ جي دور جهڙا فيصلا ڪيا هجن، جنهن ۾ سنڌ جو ٻار ٻچو سراپا احتجاج آهي، ماڻهو ته شادين ۽ ڪاڄن ۾ به دهلن تي اها نعرا ٿا هڻن ته ڪينال نه کپن، ڪينال نامنظور!، ان ڪري ته هي منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان ڳالهه ۾ ڏکڻ پنجاب جا سرائڪي به خوش انهن ان ڪري ته انهن جي مقامي زمينن تي عسڪري ادارن اچي قبضو ڪيو آهي ۽ اهي مقامي پاڻ مڙئي اٽي ۾ لوڻ برابر زمينن جا مالڪ آهن ۽ باقي انهن جون جيڪي به زرعي زمينون آهن، اهي عسڪري ادارن جي حوالي آهن، هاڻي سرائڪي پاڻ به ان ڳالهه تي لهي آيا آهن ته ڪينال سمورا نامنظور. تضاد اهي به مارن ٿا ته سنڌ اسيمبلي پاڻ ٺهراءُ پاس ٿي ڪري ته ڪينال نه کپن، وري شاھ صاحب پاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي اها ڳالهه ورجائي ته زراعت هاڻي منافعي بخش ناهي رهي، وري ڏٺائين ته سنڌي ماڻهو چپ ڪري ويهڻ وارا ناهن، هي اهي ئي آهن جيڪي ”سنڌڙي تي سِرُ ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار وو يار“ ان ڪري هنن به پنجاب سرڪار کي اکيون ڏيکاريون ۽ ان کي اها ڳالهه بانور ڪراين ته ڪينال ٺهڻ ۽ هلڻ نه ڏينداسين، ان ڪري پوءِ ڀلي ٻٻرلوءِ وٽ رستا روڪ ڪرڻي پئي ته ڪنداسين.

 هاڻي پاڻي جي معاملي تي سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي، ڳالهه صحيح آهي، پر هيل تائين ڪهڙي فورم ۾ گيس ۽ تيل جي معاملي تي احتجاج ناهن ٿيا يا جيڪو ڪجهه بلوچستان ۾ ٿي رهيو آهي اهو ڀلا ڇاهي؟ يا هنن به اها ڳالهه ڪئي آهي جو هڪڙي همراھ  کي ان ڳالهه تي بُج بُج ڪري مارَ ڪُٽَ ڏئي ليٿڙائي رکين ته تو اسان کان سڱ ڇو گهريو؟ پر همراھ ڪپڙا ڇنڊي مٿي اٿي وري مالڪن کان پڇيو ته پوءِ ڀلا مان نهڪر سمجهان نه؟ هنن پنجاب وارن به اها ڪارِ ڪئي آهي ته هاڻي ڀلا هڪڙو ڪينال هلائڻ ڏيو، يا ڪينال هلائڻ سان ڪهڙي قيامت ايندي، پر پنجاب اها ڳالهه سمجهي ته هاڻي هر صوبو هنن کان نفرت ٿو ڪري جو ڪي پي، بلوچستان ۽ سڀني کان وڌيڪ سنڌ، ان ڪري پيڪا جو بل هجي، مائينز يا منرل جو بِلُ هجي يا ڪينالن جو آرڊيننس هجي پر صوبا سراپا احتجاج آهن ۽ پنجاب کي فيصلو واپس وٺڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.