وفاقي حڪومت کي ڪئنال منصوبو رد ڪرڻ ۾ هاڻي دير نه ڪرڻ گهرجي

 مسلم ليگ (ن)  جي وفاقي حڪومت کي فوري طور تي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اها تڪراري ڪئنال منصوبي کي رد ڪرڻ ۾ جيتري دير ڪندي اوترو ملڪ سندس حڪومت توڙي عوام، ڪاروباري وهنوار ۽ معيشت جو نقصان  ٿيندو تنهن ڪري ان کي جلد ئي ان منصوبي مان هٿ ڪڍڻ گهرجي جو ان ۾ ئي سڀني جي ڀلائي آهي ۽ سواءِ وفاقي حڪومت جي وزيرن جي سڀ  اهو ئي چاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته دير يا سوير حڪومت کي انهن تڪراري ڪئنالن مان هٿ  ڪڍڻو ئي پوندو.

 هوش مندي جي به اهائي تقاضا آهي. وفاقي ۽ جمهوري گهرج به اها ئي آهي ته صرف هڪ صوبي جي مفاد کي اوليت ڏيڻ   بدران سڀني صوبن جي راءِ کي ٻڌو وڃي. ملڪي ميڊيا جي سڀني چينلن تي ويٺل سينئر صحافي ۽ تجزئي نگارن جو به اهو ئي خيال آهي.پرنٽ ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل هجن، ڪالم يا مضمون سڀني ۾ اها ئي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته آخر وفاقي حڪومت کي حالتن جي سنگينيءَ  جو ڇو احساس ناهي باوجود ان جي ته وفاقي حڪومت جي مک اتحادي جماعت پ پ جنهن جي سنڌ ۾ حڪومت آهي سا به انهن تڪراري منصوبن جي خلاف آهي نه رڳو خلاف آهي پر اها ڌمڪيون به ڏيندي رهي آهي ته جيڪڏهن ڪئنالن  جي منصوبي کي رد نه ڪيو ويو ته پ پ وفاقي حڪومت جي  حمايت واپس وٺي ڇڏيندي ۽  ايندڙ بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ به حڪومت جو ساٿ نه ڏيندي.

 بهرحال اسان سڀني کي خبر آهي ته وفاقي حڪومت مان نڪرڻ  پ پ جو آخري ۽ انتهائي قدم هوندو، پ پ بجيٽ تائين انتظار ڪندي ۽ وفاقي حڪومت کي موقعو ڏيندي پر مسلم ليگ (ن)  جي وفاقي حڪومت جي مفاد ۾ اهو ناهي ته سنڌ ۾ پنجاب جي رستن ۽ شاهرائن کي گهڻو وقت بند رکي سگهجي. ان سان سڀ کان گهڻو نقصان وفاقي حڪومت جو ئي ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان ميڊيا ۾ به وفاقي حڪومت تي زور ڀريو پيو وڃي ته اها پ پ سان ڳالهائي ۽ ڳالهائڻ ۾ دير نه ڪري

ذريعن موجب آخري رپورٽون آهن ته وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنالن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار  ٿي وئي آهي ۽ ان پ پ کي به چيو آهي ته ان معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي. جيستائين سنڌو درياهه مٿان ڇهن ڪئنالن  وارو معاملو آهي ته ان تي ورهاڱي کان پوءِ  سنڌ ۾ جيڪي يادگار ۽ تمام وڏيون تحريڪون هليون آهن انهن ۾ ڪئنالن مخالف موجوده تحريڪ به آهي جيڪا وقت گذرڻ سان سخت کان سخت ۽ وڏي کان وڏي تحريڪ بڻجي رهي آهي.  هيءَ تحريڪ هڪ ئي وقت سنڌ جون سڀ ڌريون هر مڪتبهءَ فڪر هلائي رهيون آهن. عورتون هجن، ٻار، مرد، نوجوان، شاگرد، استاد، ڊاڪٽر، اديب، فنڪار، صوفي راڳي، وڪيل، قوم پرست ۽ ٻيون سياسي مذهبي جماعتون ايستائين جو سنڌ حڪومت به سراپا احتجاج آهي.

 پر هن وقت تحريڪ ۾ جيڪو روح وڪيل برادريءَ ڦوڪيو آهي سو فيصلائتو رخ اختيار ڪري رهيو آهي. عامر وڙائچ ۽ حسن عباس وڪيلن واري هن تحريڪ جا هيرو ۽ نيئن قيادت بڻجي اڀريا آهن. پر جيئن ته اسان مٿي لکي آيا آهيون ته هيءَ  گُهڻ رخي تحريڪ آهي جنهن ۾ هر ڌر، هر جماعت، هر طبقو ۽   هر مڪتبهءَ  فڪر پنهنجو پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي صورتحال هاڻي ان انتها تي پهچي چڪي آهي جتي وقت جي حڪمرانن کي عوام جي احتجاجن  آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا. سو وفاقي حڪومت کي هاڻي ضد تان لهڻو  ئي پوندو کيس ٻيو ڪو آپشن ناهي رهيو.وفاقي حڪومت جيتري دير ڪندي ان ۾ سندس ئي گهڻو نقصان ٿيڻو آهي. تحريڪ هلندي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڪو وڏو حادثو به ٿي سگهي ٿو. عوام جو روڊن تي هجڻ جو  ڪا ٽين ڌر به فائدو وٺي سگهي ٿي.

 ان کان اڳ جو اهڙو ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ٿئي ڪنهن به حڪومت جو اهو اولين فرض آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻي معاملي کي اڪلائي. ڪئنالن مخالف هيءَ تحريڪ في الحال ت پرامن آهي ۽ تڏهن ئي اها ڪامياب آهي پر جيڪڏهن اها پرتشدد ٿي وئي جيئن ايڪڙ ٻيڪڙ ان نوعيت جا واقعا به ٿيا آهن مسلم ليگ (ن)  جي اڳواڻ جي گاڏي تي پٿراءُ  ٿيو، يا جيئن ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي فائرنگ ٿي آهي سي واقعا  حڪومت کي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهن ته حڪومت معاملي کي سلجهائڻ ۾ جيتري دير ڪندي اوتر معاملو ان جي هٿن مان نڪرندو ويندو ۽ جڏهن عوام ۽ مڇريل هجوم قانون هٿ ۾ کنيو يا رستا بند هجڻ  ڪري ردعمل ۾ ڪو خوفناڪ واقعو ٿئي ٿو ته ان جي نه رڳو ذميوار وفاقي حڪومت هوندي پر ان سان وفاقي حڪومت به ختم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪا غير جمهوري طاقت ان صورتحال جو فائدو وٺي مارشل لا هڻي ويهي رهي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

انهن سڀني مٿي ڄاڻايل خدشن ۽ خطرن کان بچاءُ  لاءِ سوچڻ ۽ ان ڏس ۾ فيصلائتو عمل ڪرڻ جو ذمو وفاقي حڪومت جو آهي، اها ڪئنالن مان عوامي جمهوري  راءِ کي تسليم ڪندي رد ڪري ته هي سڄو ڀونچال هڪ لحظي ۾ ختم ٿي سگهي ٿو. حڪومت کي ان حوالي سان ائين ئي سوچڻ گهرجي  جيئن جيئن اها فيصلو ڪرڻ ۾ دير ڪندي ته مسئلا ۽  بحران وڌندا ويندا. مثال طور روڊن کانپوءِ ريلوي نظام، هوائي اڏن جي رستا روڪ جا به ارادا آهن، ائين جي يو آءِ  پنجاب جا بارڊر بند ڪرڻ جو چتاءُ  ڏنو آهي. مطلب ته ملڪي وهنوار مڪمل طور ي بند  ڪرڻ جو ئي سوچيو پيو وڃي. نه ئي عوام لاءِ. وفاق ۽ ننڍن صوبن ۾ نفرتن وڌڻ جوو معاملو الڳ آهي انهن سڀني معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ملڪي بحران مان نڪرڻ جي جيئن ته آخري ذميواري مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت جي آهي تنهن ڪري ان کي اهو بحران ترت اڪلائڻ جي گذارش ڪجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.