اسلام آباد (بيورورپورٽ/م ڊ) وفاقي حڪومت ججن جي سينيارٽي ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جمع ڪرايل جواب ۾ حڪومت جو موقف اختيار ڪيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت ٻين ججن جي مقرري بابت سڀ درخواستون خارج ڪيون وڃن. وفاقي حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته ججن جي مقرري آئين موجب ڪئي وئي آهي ۽ ججن کي بدليءَ کانپوءِ نئون حلف کڻڻ جي ضرورت ناهي. جواب ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته آرٽيڪل 200 تحت ججن جي بدلي جو مطلب نئين مقرري ناهي ۽ ججن جي بدلي کي عارضي قرار ڏيڻ وارو دليل قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، آئين ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته ججن جي بدلي عارضي هوندي.حڪومت جو موقف آهي ته ججن جي بدلي سان عداليا ۾ شفافيت ايندي ۽ عدالتي آزادي متاثر نه ٿيندي. حڪومتي جواب ۾ چيو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ججن جي مقرري ڪئي ۽ ٽي جايون خالي ڇڏي ڏنيون. ججن جي بدلي ۾ صدر جو اختيار محدود آهي، جڏهن ته اصل اختيار چيف جسٽس پاڪستان جو آهي، ججن جي بدلي ۾ لاڳاپيل جج ۽ هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽس اصل باختيار آهن تنهنڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين ججن جي مقرريءَ بابت سڀ درخواستون خارج ڪيون وڃن.